ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

شاهه جي زماني جون لڙايون

 

لاکيڻو لطيف ۽ سندس زمانو سنڌ جي تاريخ جو مکيه باب آهن. لطيف سائينءَ اکين کولڻ سان ميان نصير الدين کي سنڌ ۾ ڪلهوڙن جي حڪومت جو پايو وجهندي ڏٺو. ٽڪرا ٽڪرا ٿيل سنڌ سندس اڳيان متحد ملڪ جو روپ ورتو، ۽ سندس ئي زماني ۾ ڪيترا مڇ مڙيا، جن سيد جي سنڌ کي سهڻيءَ جيان ڀاڱا ڪيو. پاڻ جوانيءَ ۾ پهتو ته مغل سلطنت پيريءَ ۾ پير پاتا، سيد سونهارو جوڀن کي پهچي ٿو ته دنيا وارا جهوڪ کي جهڪائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. پاڻ اڌ صديءَ جي عمر کي پهتو ته نادر شاهه قهر بڻجي اچي سنڌ تي ڪڙڪيو. اٺن سالن کان پوءِ وري احمد شاهه سنڌ واسين کي اکيون ڏيکارڻ شروع ڪيون.

مطلب ته لطيف سائينءَ جي زماني جي سنڌ، نسورو جنگين جو محاذ هئي. تنهن دور ۾ هتي بغاوتون ٿيون ۽ لڙايون لڳيون. جهيڙا ٿيا، دنگا ۽ فساد ٿيا، حملا ٿيا ۽ ڪاهون ٿيون، مقابلا ٿيا ۽ طاقت جا مظاهرا ٿيا. جيڪڏهن سموري برصغير جي تنهن دور ۾ لڳل جنگين ۽ لڙاين کي ويهي ڳڻبو ته انگ وڃي 56 کي پهچي ٿو. جن مان 33 لڙاين ۽ مقابلن جو ڪڻو سنڌ جي حصي ۾ اچي ٿو.

انهن لڙاين ۽ جنگين، بغاوتن ۽ مقابلن کي ٽن حصن ۾ ورهائي سگهجي ٿو؛ پهريون اقتدار لاءِ لڙايون، ٻيو استحصال لاءِ چڙهايون ۽ ٽيون نظام حيات لاءِ جنگيون، انهن جنگين جون مختصر خاڪو هن ريت ٿئي ٿو؛

الف- اقتدار لاءِ لڙايون

سنڌ، اڪبر جي زماني ۾، 1572ع کان وٺي مغلن جي حڪومت هيٺ آئي، مغلن سنڌ کي ٻن حصن ۾ ورهائي، ترتيبوار، لٽي ۽ بکر ۾ نواب مقرر ڪيا. 1572ع کان وٺي 1736ع تائين سنڌ ۽ مغلن طرفان ڪل 85 نواب مقرر ٿيا. يعني بکر ۾ 47 ۽ ٺٽي ۾ 38. تنهن دوران سنڌ ۾ ڪلهوڙا پيريءَ، مريديءَ جي زور تي اثر رسوخ قائم ڪندا ويا، تانجو 1657ع ۾ ميان نصير الدين سنڌ ۾ ڪلهوڙن جي حڪومت جو پايو وڌو ۽ نادر شاهه جي ڪاهه کان ٿورو اڳ ميان نور محمد سموريءَ سنڌ جو حاڪم ٿي ويو.

اورنگزيب جي وفات کان پوءِ مغل سلطنت جو زوال شروع ٿئي ٿو ته سُتت ئي پوءِ مختلف رياستن ۽ صوبن ۾ ماڻهو مٿو کڻڻ ۽ ٿوري اقتدار وارا وڌيڪ اقتدار جي حصول ۾ ٻين صوبن ۽ رياستن ۾ اکيون وجهڻ لڳا. سنڌ جو سرسبز ۽ شاداب خطو به پنهنجن چاهيندڙن کي پاڻ ۾ اکيون وجهڻ تي آماده ڪري ٿو. سنڌ جا پاڙيسري حاڪم دائود پوٽا ۽ بروهي اهڙيون ڪوششون ڪن ٿا، جن جي نتيجي ۾ اقتدار لاءِ ڪيتريون جنگيون لڳن ٿيون.

دائود پوٽا هونئن به، عباسي خاندان جي شاخ هئڻ سبب، ڪلهوڙن جا پري کان مِٽ لڳن. پر اقتدار جي هوس هن هڪ ئي خاندان جي ٻن شاخن کي جنگ جي ميدان ۾ گهلي آئي. ٻنهي ڌرين ۾ نفاق جي ابتدا دين محمد ڪلهوڙي جي ڏينهن ۾ ٿي، ليڪن عروج وڃي يار محمد ڪلهوڙي جي زماني ۾ ڪيائين. يار محمد ڪلهوڙي جي وقت ۾ امير محمد مبارڪ دائود پوٽي کائيءَ ۽ برهمڻ آباد تي قبضو ڪيو. انهيءَ جي موٽ ۾، ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ ستن ڏينهن جي ٻي جنگ لڳي، جنهن ۾ ڌرين کي صلح ڪرڻو پيو. ميان نور محمد جي وقت ۾ وري امير محمد مبارڪ جي پٽ محمد صادق کي جنگ جي ميدان ۾ ڏسجي ٿو. هن عرصي ۾ شڪارپور ۽ دٻلي ٻيٽ ۾ ٽي لڙايون لڳن ٿيون، ۽ فتح ڪلهوڙن کي حاصل ٿئي ٿي. دائود پوٽن اُچ جي بزرگن کي وچ ۾ آڻي ڳالهه ٽاري ته ڇڏي، پر هو ڪلهوڙا دشمني دل ۾ رکندا آيا، تان جو جڏهن نادر سنڌ تي ڪاهه ڪئي ته دائود پوٽن هن جو ساٿ ڏنو، جنهن جي عيوضي ۾ کين شڪارپور ملي.

ڪلهوڙن جا ٻيا حريف هئا بروهي، جن ميان دين محمد جي وقت کان وٺي جارحانه ڪارواين جي ابتدا ڪئي. ميان دين محمد جي وقت ۾ مغل فوج جو امير شيخ جهان ساڻس وڙهندي مري ويو ته مغل پرستيءَ جي شوق ۾ قمبر خان بروهيءَ انهيءَ جي عيوض لاءِ جنگ جوٽي. سندس وس جي ڳالهه نه رهي، ته شهزادو معزالدين سنڌ تي ڪاهي آيو. هن دين محمد کي گرفتار ڪيو، ليڪن ميان نور محمد ۽ ميان محمد دائود، شاهي فوج سان وڙهندي، قلات ۾ پهچي ويا. قلات جي حاڪم کي دهليءَ جي درٻار مان هدايتون مليون ته ڪلهوڙن کي ايران ڏانهن ٽپڻ نه ڏنو وڃي. محراب خان ڪلهوڙون جو پيڇو ڪيو، پر کيس درمولا ۾ پنهنجي زندگيءَ تان هٿ ڌوئڻا پيا. ان کان پوءِ سمندر خان قلات جو حاڪم ٿيو، جڏهن پختيار جي مرڻ کان پوءِ سبيءَ جو سور اچي ياد پيو. هن گنجابہ علائقي جي گهر ڪئي، جا ميان يار محمد ٺڪرائي ڇڏي. انهيءَ ڪري، طرفين کي ٽي جنگيون ڪرڻيون پيون.

سمندر خان جي وفات کان پوءِ محراب خان جو وڏو پٽ مير احمد خان قلات جو حاڪم ٿيو، ليڪن کيس پنهنجي ڀاءُ عبدالله تخت تان لاهي حڪومت جي واڳ پنهنجي هٿ ۾ کنئي. اهو ئي عبدالله خان اڳتي هلي ”شهباز ڪوستان“ جي نالي سان مشهور ٿيو. هن ۽ ميان نور محمد جي وچ ۾ ڪر ته، ڪاڇي ۽ جانداريءَ ۾ ٽي جنگيون لڳيون. ان کان پوءِ سندن ۾ وچ ۾ مٽيون مائٽيون ٿيون. پر جڏهن نادر جو قهر نازل ٿيو،تڏهن هنن کي به وارو اچي ويو، ۽ نادر کين ڪاڇي ۽ ڍاڍر جا ڪجهه حصا ۽ ڪراچي ڏني.

دائود پوٽن ۽ بروهين کانسواءِ، ڪلهوڙن جون پنهورن ۽ ڍاڍر جي مرزائين سان به لڙايون لڳيون. پنهورن سان ميان نصير محمد جي زماني ۾ فتحپور ۾، دين محمد جي زماني ۾ مرکپور ۾، ۽ يار محمد جي زماني ۾ سامتاڻي ڳوٺ واريون لڙايون لڳيون. ڍاڍر جي مرزا خان پني پنهورن سان گڏ ڪلهوڙن تي ڪاهون ڪيون، جن جو سلسلو يار محمد تائين اچي ٿو. مرزا خان جي وفات کان پوءِ بختيار خان ڍاڍار جو حاڪم ٿيو، تڏهن شاهي فوج سنڌ تي ڪاهه ڪئي، جنهن ۾ ميان دين محمد کي گرفتار ڪيو ويو ۽ باقي يار محمد ۽ محمد دائود جنگ ڪندي قلات پهچي ويا. پوئتان بختيار وري ڪلهوڙن جي سمورين زمينن تي قبضو ڄمائي ويو. ڪلهوڙن موٽي اچي نه صرف هن کان ملڪيت ورتي، پر سندس موت کان پوءِ سبيءَ ۽ ڍاڍر جا حاڪم پڻ ٿيا.

ب- استحصال لاءِ جنگيون

سنڌ جي سيني تي نه رڳو اقتدار جي بک ۾ مطلوم ۽ غريب عوام جو رت وهايو ويو، بلڪه استحصال ۽ پرماريت لاءِ به حملا ۽ ڪاهون ڪيون ويون. نادر ۽ بروهين جون ڪاهون انهيءَ سلسلي جون مکيه ڪڙيون هيون، جن ڌن ۽ ڌرتيءَ جو ڳچ حصو سنڌين کان کسي ورتو. ڀٽائي گهوٽ جي زماني ۾ سنڌ جو استحصال ڪندڙ خارجي قوتون چار هيون، بروهي، مغل، نادر ۽ احمد شاهه دراني.

بروهين کي نه رڳو نادر جي اچڻ کان پوءِ ڪاڇي ۽ ڍاڍر جا ڪجهه حصا ۽ ڪراچي مليا، پر کين سمندر خان جي وقت ۾ ميان نور محمد طرفان ساليانو 40 هزار روپيا به ملندا هئا. جيتوڻيڪ اها رقم ڪلهوڙا قلات ۾ جلاوطنيءَ وقت مليل جيئدان واري احسان جي موٽ ۾ ڏيندا هئا، ليڪن انهيءَ کي به هر حالت ۾ بروهين طرفان استحصال چئي سگهجي ٿو.

سنڌ جو استحصال ڪندڙ ٻي قوت هئي مغل سلطنت، جنهن اڪبر جي زماني کان وٺي پئي ٻنهي هٿن سان سنڌ جو رت ۽ ست چوسيو، حضرت لطيف جي زماني ۾ انهيءَ سلطنت جي شاهي فوج سنڌ تي ٽي ڪاهون ڪيون. پهروين دفعو ميان نصير الدين جي زماني ۾ شهزادي معزالدين ملتان مان اچي جنگ جوٽي ۽ نصيرالدين کي گرفتار ڪري دهليءَ پهچايائين، جو رستي روڪ ۽ سرڪاري چوڪسيءَ جي باوجود به پاڻ آزاد ڪري ڀڄي آيو. انهيءَ کان پوءِ ميان دين محمد جي وقت ۾ شاهي فوج امير شيخ جهان جي اڳواڻيءَ هيٺ سنڌ تي ڪاهيو، جنهن ۾ امير شيخ جهان ماريو ويو. انهيءَ جي پلئه وٺڻ لاءِ شهزادي محمد معزالدين سنڌ جو رخ رکيو ۽ اچي قتل و غارت ڪيائين. شاهي فوج جڏهن منهن جي کائڻ لڳي، تڏهن قرآن شريف وچ تي آڻي، دين محمد کي گرفتار ڪرڻ بعد قتل ڪري ڇڏيو ويو.

ٻ- نظام حيات لاءِ جنگيون

هن خطي جي خمير ۽ ماڻهن جي ضمير جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته هتان جو مزاج الڳ آهي، ۽ سندن نظام حيات باقي ٻين کان مختلف آهي. مذهبي رواداري، اقتصادي برابري ۽ قومي آزادي هتان جي انسانن جي نظام حيات جو نچوڙ پئي رهيو آهي. هتي مسلمان پنهنجين مستين مان خوش ته واڻيا وري ٽڪاڻا ڏسيو پيا ٺرن. مسيت به مقدس، ته مندر به احترام لائق، هاري فصل کڻي ته ونڊي کائي. سنڌي لوهر کي به ڏئي ته ڊکڻ کي به. ڪنڀر آوي پچائي ته در در تي دلو ۽ کمري پهچائي وڃي. لوهر جي گهر ۾ ٽڦڻي نه به هجي. پر ٻين کي ڏاٽو ۽ گهوٻو ضرور گهري ڏئي. ائين ويٺا ونڊي کائين، ۽ ايمان پائين. وري آزاديءَ جا ڪوڏيا ته هي؛ پاڻ آزاد رهن، ۽ ٻين کي آزاد رحن ڏين. يعني هڪ طرف عزت نفس ته ٻئي طرف عزت انسان. ساڳئي نموني قومي عزت تي به چٽو نه لائين. مانجهي مرد ته رهيا پنهنجي ماڳ، پر سندن عورت به عظمت جو نشان. مارئي ئي لکن جو مَٽ. پوريءَ دنيا لاءِ وطن جي حُب جو آدرش!

جڏهن به سندن انهيءَ نظام حيات ۾ رنڊڪ پوي ته نڪري ميدان ڪن. پوءِ نه ڪن سر جو سانگو ۽ نه مال ملڪيت جو ملال، ڌن، من ۽ تن کڻي قربان ڪندا. لطيف سائينءَ جي زماني ائين ٿيو. سندن نظام حيات کي ڦيرائڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي ته هو هر محاذ تي مقابلي ڪرڻ لاءِ ٻاهر نڪري آيا. اسان کي انهيءَ جنگ جا ٽي سبب ذهن ۾ رکڻا پوندا.

1. حاڪم جي قانوني حيثيت؛

سنڌ سيد لطيف جي زماني ۾ سڌيءَ يا اڻسڌيءَ طرح مغل سلطنت جي تسلط هيٺ هئي. تنهن وقت جا بادشاهه پاڻ کي عوام جو خادم نه پر خدا جو خَليفو تصور ڪندا هئا. تنهن زماني جا ”خدائي خليفا“ به عجيب هئا. اورنگزيب پيءَ جهڙي مقدس رشتي کي لتاڙي تخت تائين پهتو. اورنگزيب کان پوءِ اهڙيون شخصيتون مغل سلطنت جي مقدر ۾ ليڳون، جن جون غلط ڪاريون ۽ سفاڪيون اڄ به برصغير جي تاريخ ۾ چٽن جي صورت ۾ محفوظ آهن. تاريخ جا واقعا اڄ به بهادر شاهه کي بددماغو بادشاهه، جهاندار کي ان کان به وڌيڪ بيوقوف، فرخ سير کي سفاڪ ۽ ظالم ۽ محمد شاهه کي رنگيلو ٻڌائين ٿا. اِهي هئا ”خدا جا خليفا“ ۽ سنڌ جا حڪمران هئا اهڙن خدائي خليفن جا معتقد ۽ وفادار! هن مان ثابت ٿئي ٿو ته ڀٽائي گهوٽ جي زماني ۾ عوام ۽ حاڪم جي وچ ۾ زمين ۽ آسمان جو فرق هو.

وقت جو فرسوده اقتصادي نظام؛

لطيف سائينءَ جي زماني ۾ برصغير جي اقتصادي نظام ۾ ٻه وڏيون خاميون هيون؛ پهريون اڻپوري پيداوار، ۽ ٻي پيداوار جي غلط تقسيم. رت ولوڙي پورهيو ڪرڻ وارا گهڻا ئي هوندا هئا، مگر سندن سموري پيداوار ڪرسيءَ ويٺل حاڪمن ۽ وقت جي ڪامورن جو نذرانو ٿي ويندي هئي. بادشاهن جي فضول خرچيءَ جو مثال ان کان وڌيڪ ڪهڙو ٿي سگهي ٿو ته هر روز ويهه هزار پورهيت ٻاوهين سالن لاءِ انهيءَ ڪري لوڙن ٿا جو ڇهه ڪروڙ روپين مان تاج محل نالي هڪ قبر تي قبو اڏجي، جنهن جي نه ته ڪا هئي اقتصادي اهميت ۽ نه وري مذهبي اجازت! تخت طائوس ٺهي ٿو ته هڪ لک تولا سون ڪم اچي ٿو ۽ هڪ ڪروڙ روپين جي لاڳت سان ستن سالن جي عرصي ۾ ٺهي ٿو. رب ڪريم به ڪيڏو نه بيپرواهه بادشاهه آهي. هڪڙو غير مسلم بادشاهه، جو دنيا م جنت ٺاهي ٿو ته کيس ڄانئٺ ٽپڻ به نٿو ڏئي، ۽ ٻيو مسلمان بادشاهه دهليءَ ۾ ديوان خاص ٺهرائي ان جي ديوار تي لکرائي ٿو ته؛

اگر فردوس بروئم زمين است،

همين است و همين است وهمين است.

ته دنيا ۾ جنت خواب ڏسندڙ انهيءَ بادشاهه کي ڪجهه به نٿو ٿئي!

وقت جي ڪامورن جو وري اهو حال هو جو کين خرچ پکي لاءِ وڏيون وڏيون رقمون ڏنيون وينديون هيون. اهي پاڻ ته ٿيا پنهنجي مَٽ، پر اُٺ، گهورا ۽ هاڻي به سونا زيور پائيندا هئا، انهن جي سنڀال لاءِ نه رڳو نوڪر ۽ چاڪر هوندا هئا، پر انهن چاڪرن کي به چوڪر مليل هوندا هئا. جيئن ته انهن درٻاري ۽ سرڪاري ماڻهن جي مرڻ کان پوءِ سندن ملڪيت سرڪاري خزاني ۾ جمع ڪرڻ جي قانون تي عمل ڪيو ويندو هو، ان ڪري اهي ماڻهو پنهنجي حياتيءَ ۾ جيري لاءِ ٻڪري ڪهندا هئا ۽ تريءَ تي بهشت ڪندا هئا.

فوج ۾ وري ڪل 33 گريڊ هوندا هئا. پهرئين گريڊ جي ابتدا ”دهه پاشي“ کان ٿيندي هئي، ۽ وڏو گريڊ ”پنج هزاري منصب“ جي نالي سڏيو ويندو هو. پنجه هزاري منصب وار کي ماهوار 30 هزار روپيا ملندا هئا. کيس 340 گهوڙا، 100 هاڻي ۽ 260 گاڏين رکڻ جي به قانوني اجازت هوندي هئي. اڪبر جي زماني ۾ منصبدارن جو تعداد 1658 ۽ اورنگزيب جي زماني ۾ 11456 هو. ان کان پوءِ تعداد ۾ واڌارو ٿيندو رهيو، ليڪن ڪمي ڪانه آئي.

اهي هئا درٻاري اميرن ۽ آفيسرن جا خرچ مقالي جي اڀنگهه ٿيڻ کان بچڻ واسطي، مغل سلطنت جي وڏن عهديدارن. جهڙوڪ وڪيل، ديوان، مير بخشي، مير سلمان، صدر الصدر، قاضي الفضات، مير آتش، مشرف، مير بحري، مير بري، وقائع نويس، سوانح نگار ۽ خفيه نويس وغيره. جا پگهار ۽ خرچ ٻڌائڻ جي هتي گنجائش ڪانهي. اهو سمورا خرچ پکا عوام ئي ڏيندو هو، جنهن ۾ سنڌ واسي به اچي وڃن ٿا.

سنڌ مان مغلن کي ٿلهي ليکي جا سالياني آمدني ٿيندي هئي، انهيءَ جا ڪجهه انگ اکر هيٺ ڏجن ٿا؛

(1) ٺٽو…. هڪ ڪروڙ، پنجونجاهه لک، ڇائيتاليهه هزار، اٺ سئو اٺ دام. (1,55,46,808) (30 دام؛ روپيو).

(2) چاچڪان…. هڪ ڪروڙ، سترهن لک، چوراسي هزار، پنج سئو ڇهاسي دام. (1,17,84,586).

(3) سيوهڻ…. هڪ ڪروڙ، پنجونجاهه لک، ڇاونجاهه هزار، اٺ سئو اٺ دام. (1,55,56,808).

(4) نصرپور…. اٺهتر لک، پنجٽيهه هزار، ڇهه سو دام. (78,35,600).

(5) چڪر هالا… پنجاهه لک، پنجاسي هزار، اٺيتاليهه دام. (50,85,48).

سنڌ جو اقتصادي حالتون به ايتريون سٺيون ڪين هيون. عوام مٿان سترهن قسمن جون ڍلون، محصول ۽ ٽئڪس مڙهيل هوندا هئا. جنگ ڇو نه سنڌ جي شاهه عنايت صوفيءَ سان لڳي، پر ان جو خرچ به سنڌ واسين مان ڪڍيو ويندو هو، پوءِ جيڪڏهن ڪو مخدوم رحمت الله بڻجي آواز اُٿاريندو هو ته سندس انت به جيل جي اونداهي ڪوٺيءَ ۾ ٿيندو هو. آسمان جي ڇت هيٺان هيڻو هاري، زميندار جي فولادي گرفت ۾ ڦٿڪندو رهندو هو. هن جي ڍنگهرن جي لوڙهي ۾ ايتري مضبوطي به ڪانه هوندي هئي جو ڪاهي ايندڙ مصيبتن کي روڪي بيهي. اورنگزيب جي دور ۾ هاريءَ توڙي ڪاريگر لاءِ بيگر قانوني طور تي لازمي قرار ڏني وئي هئي.