Skip to content

sindh rich of sources but people hungry

January 20, 2016


سنڌ ۾ وسيلن باوجود طبي ڄاڻ جي ڪمي سبب هيلٿ جا مسئلا گهٽجڻ جي بدران وڌي رهيا آهن: افسانه ڀرڳڙي

JANUARY 19, 2016 AT 11:51 PM BY ADMININDUS

حيدرآباد (رپورٽ: فهميد جروار) برطانيا ۾ سنڌي ڊاڪٽرس ايسوئيشن جي نائب صدر ڊاڪٽر افسانه ڀرڳڙي چيو آهي ته حيدرآباد ۾ٻه ميڊيڪل  يونيورسٽيون هجڻ جي باوجود انهي شهر جي ڪنهن اسپتال ۽ ايمبولينس ۾ وينٽيليٽر موجود نه آهي، سنڌ ۾ وسيلن جي هوندي به فقط طبي ڄاڻ جي ڪمي سبب هيلٿ جا مسئلا گهٽجڻ جي بدران وڌي رهيا آهن. هو ڪالهه خانه بدوش ڪيفي ۾ حيدرآباد جي سول سائٽي ۽ ٻين سڄاڻ ماڻهن  سان ڳالهائي رهي هئي.هن چيو ته پاڪستان  ۾ 6 مهينا هائوس جاب ڪندڙ ڊاڪٽر کي پي ايم ڊي سي پاران ميڊيڪل پريڪٽس ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي ٿي. جڏنهن ته اهڙو ڊاڪٽر انهي مختصر  عرصي دوران  مختلف بيمارين جي پيچيدگين کان واقف ٿي نٿو سگهي،  جو اهڙي مريض جو علاج ڪري سگهجندو هجي. هن پي ايم ڊي سي کان گهر ڪئي ته پاڪستان ۾ هائوس جاب ستن سالن جي عرصي جو هئڻ گهرجي. ته جيئن انهي عرصي دوران هائوس جاب ڪندڙ ڊاڪٽرز مختلف شعبن ۾ علاج جي طريقن کان واقف ٿي سگهي. هن چيو ته هتي ڊاڪٽرز  کان وڌيڪ نرسن ۽ پيرا ميڊيڪل جي ضرورت آهي. هن سنڌ حڪومت کان گهر ڪئي ته ميڊيڪل ڪاليجن کولڻ جي بدران   نرسز ۽ پيرا ميڊيڪ کي وڌائڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته مريضن کي آپريشن ۽ علاج جي چڪاس کان پو طبي ڪيئر جي وڌيڪ ضرورت هوندي آهي. هن چيو ته  ابتدائي طور تي طبي ڄاڻ واري تعليم اسڪول سطح کان شروع ڪرڻ جي ضرورت آهي.ته جيئين طبي معلومات حاصل ڪيل ماڻهو پنهنجي طبي گهرجن بابت پريشر گروپ تحت معاشري جي ڀلائي لا گهڻو ڪجهه ڪري سگهي ٿو. انهي موقعي تي ايم پرڪاش وڪيل، اشو ٿاما، غفار ملڪ، جاويد سوز، مهيش ڪمار، جعفر ميمڻ، زاهده ابڙو ۽ ٻين پڻ مختلف تجويزون ڏنيون.

 

From → Uncategorized

Leave a Comment

Leave a comment

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.