Skip to content

growers protest

January 13, 2015

مورو: آبادگار ڪمند جو گهٽ اگهه ملڻ خلاف  النور شگرمل آڏو ڌرڻو هڻي ويٺل آهن

ڪراچي/ حيدرآباد/ سکر (نمائندا) سنڌ ۾ ڪمند جي آبادگارن کي سرڪاري اگهه نه ملڻ خلاف آبادگارن احتجاج ڪيو. سنڌ گرورس آرگنائزيش  جي چيئير مين رضا چانڊيو ابراهيم ڏاهري علي اصغر مستوئي جي اڳواڻي ۾ سوين آبادگارن نيشنل هاء وي تي النور اسٽاپ وٽ احتجاجي ڌرڻو هڻي ٽريفڪ کي معطل ڪري ڇڏيو. آبادگار اڳوڻن رضا چانڊيو،علي اصغر مستوئي ابراهيم ڏاهري،محمد رحيم ڏاهري،ڪامريڊ عبدالحق ڏاهري،حاجي محمد اسحاق چانڊيو،غلام سرور چانڊيو،حامد سولنگي،هادي بخش انڙ،عبدالقدوس چانڊيو،ارباب ڇجڙو،حاڪم سابقي،محمد وارث ڏاهري ۽ ٻين چيو ته مل مالڪ  مسلسل ڪمند جي آبادگارن سان زيادتي ڪري رهيا اهن ليڪن هاڻي اها زيادتي برداشت نه ڪئي ويندي.هنن چيو ته حڪومت هن وقت تائين ڪمند واري مسئلي تي نااهل ثابت ٿي آهي. احتجاجي ڌرڻي جي موقعي تي پوليس روڊ کولرائڻ جي ڪوشش ڪئي ليڪن آبادگارن ڌرڻو ختم ڪرڻ ڪان انڪار ڪري ڇڏيو احتجاجي ڌرڻي سبب سوين گاڏيون بهجي ويون.هنن چيو ته آبادگارن سان زيادتي برداشت نه ڪئي ويندي. جهڻ موري، چکي ۽ ٻين علائقن جي آبادگارن ۽ مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي ڪارڪنن شگر ملون نه هلائڻ ۽ فاران شگر مل پاران ڪمند جو گهٽ اگهه ڏيڻ خلاف مير عبدالڪريم ٽالپور، مير رياض ٽالپور، غلام مجتبى انڙ، پير اسد شاهه راشدي، ڊاڪٽر نياز ٽالپر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ جهڻ موري وٽ حيدرآباد شيخ ڀرڪيو روڊ تي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو. جنهن جي نتيجي ۾ گاڏين جي آمدورفت بند ٿي ويئي. انهي موقعي تي احتجاج جي اڳواڻي ڪندڙن خطاب ڪندي چيو ته شگر ملون نه هلائڻ ۽ ڪمند جو پورو اگهه نه ڏيڻ سبب سنڌ جي آبادگارن کي اربين رپين جو نقصان ٿي رهيو آهي. فاران شگرمل سميت سنڌ جي شگر ملن جي مالڪن ڪمند جو اگهه ڪيرائي آبادگارن جو معاشي استحصال ڪري رهيا آهن. هنن چيو ته سنڌ سرڪار ۽ شگر مل مالڪن جي ملي ڀڳت سبب سنڌ جو آبادگار سخت معاشي بدحالي جو شڪار ٿي رهيو آهي. هنن چيو ته سنڌ ۾ اڪثر ملون پيپلز پارٽي جي اڳواڻن جون آهن. پيپلز پارٽي سنڌ جي عوام جي ووٽن تي اقتدار ۾ اچڻ بعد سنڌ جي عوام جو ئي استحصال شروع ڪري ڏنو آهي ۽ سڀني زرعي جنسن جا اگهه ڪيرائي آبادگارن کي تباهي جي ڪناري تي پهچايو ويو آهي. شگر مل مالڪ في مڻ تي 27 رپيا ڪٽوتي ڪري رهيا آهن پر کين ڪوبه چوڻ وارو نه آهي. هنن وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪيو ته سنڌ جي آبادگارن کي 50-50 لک روپيا ڏنو وڃي ۽ نقصان جو ازالو ڪيو وڃي هنن چتاءُ ڏنو ته جيڪڏهن 3 ڏينهن جي اندر شگر ملز مالڪن آبادگارن کي 182 روپيا في مڻ مقرر اگهه نه ڏنو ته فاران شگر ملز شيخ ڀرڪيو جي مک گيٽ تي ڌرڻو هڻي ملز کي ڪمند جي سپلائي بند ڪئي ويندي.ضلعي شهيد بينظير آباد، نوشهروفيروز جي ننڍن وڏن شهرن مورو، شاهپورجهانيان، دولت پور، قاضي احمد،سڪرنڊ، منهڙو، سونهري فارم، قمرآباد، سڌوجا، نوان جتوئي، ڏيپارجا، ڪانڌڙا ڪالوني، گچيرو پراڻو جا آبادگار ۽ ننڍا زميندار سراپا احتجاج بڻجي روڊ تي نڪري آيا.

ڪراچي (آن لائن) سنڌ ۾ سڀني شگرملن ڪمند جي پيڙائي وري شروع ڪري ڇڏي. ملن جي هڙتال سبب ڪراچي ۾ کنڊ ٻه رپيا ڪلو مهانگي ٿي وئي. پاسما سنڌ زون جي ترجمان موجب چئن ڏينهن جي هڙتال کانپوءِ صوبي ۾سڀني شگرملن پيڙائي شروع ڪري ڇڏي آهي. في الحال ڪمند 155 رپيا مڻ ڏيڻ جو سوچيو ويندو. پيڙائي شروع ٿيڻ کانپوءِ آبادگارن به احتجاج ختم ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ آبادگار بورڊ جي نائب صدر محمود نواز شاهه جو چوڻ آهي ته ملون هلڻ بعد ڪمند جي واڍي وري شروع ڪئي وئي آهي. ملون وري بند ٿيون ته اسان به احتجاج شروع ڪنداسين ۽ 182 رپيا مڻ جي حساب سان بقايائون به وٺنداسين. ٻئي طرف هول سيل وارن جو چوڻ آهي ته شگرملن جي چئن ڏينهن جي هڙتال دوران ڪراچي هول سيل مارڪيٽ ۾ کنڊ ٻه رپيا مهانگي ٿي 51 رپيا 50 پئسا ڪلو ٿي وئي آهي.

لاڳاپيل خبرون

Advertisements

From → Uncategorized

Leave a Comment

Leave a Reply

Fill in your details below or click an icon to log in:

WordPress.com Logo

You are commenting using your WordPress.com account. Log Out / Change )

Twitter picture

You are commenting using your Twitter account. Log Out / Change )

Facebook photo

You are commenting using your Facebook account. Log Out / Change )

Google+ photo

You are commenting using your Google+ account. Log Out / Change )

Connecting to %s

%d bloggers like this: