Skip to content

sindh govt to send terrorist cases to military courts

January 9, 2015

ڪراچي (رپورٽ: ذوالفقار واهوچو) سنڌ حڪومت افغانين، بنگالين، برمين، بهارين سميت ٻين لکين غيرقانوني آيل ڌارين کي سنڌ نيڪالي ڏيڻ، مذهبي دهشتگردن توڙي ٻين سنگين ڏوهن ٽارگيٽ ڪلنگ، اغوا ۽ ڀتاخوري ۾ ملوث ڏوهارين خلاف  ٽارگيٽ آپريشن کي تيز ڪرڻ . 5 سئو مذهبي دهشت گردن،4 سئو سنگين ڏوهن ۾ ملوث ڏوهارين جي سرجي قيمت مقرر ڪرڻ . صوبي جي داخلي رستن تي چيڪ پوسٽون قائم ڪرڻ، وال چاڪنگ ، لائوڊ اسپيڪر تي نفرت پکيڙيندڙ  تقريرن ۽ پمفليٽ ڇاپڻ ، ورهائڻ ،گھر مالڪن کي ڪرائيدارن جا تفصيل عدالتن ۾ جمع ڪرائڻ  ، 18 آڪٽوبر ، مهراڻ بيس ، ڪراچي ايئر پورٽ حملي جا ڪيس فوجي عدالتن ۾ موڪلڻ ۽ دهشت گردي کي منهن ڏيڻ لاءِ هڪ هزار اهلڪارن تي ٻڌل اينٽي ٽيررسٽ فورس جوڙڻ جو فيصلو ڪيو آهي  اهڙو فيصلو ڪالھه سي ايم هائوس ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاھ  جي صدارت ۾ ٿيل ايپيڪس ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڪيو ويو . جنهن ۾ سنڌ جي گورنر ڊاڪٽر عشرت العباد . ڪور ڪمانڊر ڪراچي . ڊي جي رينجرس ، آءِ جي  سنڌ ، چيف سيڪريٽري  . گھرو سيڪريٽري ۽ لاڳاپيل سمورين ڳجھن ادارن جا آفيسر پڻ موجود هيا . اجلاس کانپوءِ سنڌ جي اطلاع واري کاتي جي وزير شر جيل انعام ميمڻ  پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو ، هن وڌيڪ چيو ته اسان فوجي عدالتن جي حق ۾ ناهيون اهو فيصلو عوام جي وسيع تر مفاد ۾ ڪيو آهي . هن چيو ته اسان هميشه آمريت خلاف جدوجھد ڪئي آهي.  هن چيو ته مذهبي دهشتگردي خلاف ملڪ جي سياسي ۽ عسڪري قيادت هڪ پيج تي آهي  21 ترميم کانپوءِ وفاق طرفان صوبن کي دهشت گردي جي حوالي سان ذميواري ڏني آهي . ان لاءِ صوبائي ايپيڪس ڪميٽي وڏي وزير جي سربراهي ۾ جوڙي وئي آهي. سنڌ ۾ مذهبي ، فرقيواراڻي . لساني يا ٻئي ڪنهن قسم جي دهشت گردي جي ڪيسن جي تفصيل ٺاهي  وفاقي سرڪار ڏانهن منتقل ڪيا ويندا . پوءِ وفاقي  سرڪار فيصلو ڪندي ته ڪهڙن ڪيسن کي فوجي عدالتن ۾ موڪلجي يا نه موڪلجي . اسان جو ڪم ڪيسن جا تفصيل جوڙي وفاقي سرڪار کي موڪلڻ آهي. هن چيو ته ايندڙ اجلاس ۾ اهم ڪيسن کي مثال ٺاهي دهشت گردن کي عبرت  جو نشانو بڻايو ويندو ، هن ٻڌايو ته ايئر پورٽ حملي . مهراڻ بيس حملي .18 آڪٽوبر ڪار ساز   واقعي   سميت ٻيا ڪيس موڪليا ويندا .  هن چيو ته هن وقت 375 دهشت گردي جا قيدي آهن انهن مان  ڪجھه جو اپيلون هاءِ ڪورٽ ۽ ڪجهه جون اپيلون سپريم ڪورٽ  ۽ جڏهن ته  هڪ جي اپيل جي ايڇ ڪيو ۾ هلي رهي آهي، هن چيو ته 3هزار ڪيس عدالتن ۾ ويا جن مان ڪجھه ڏوهارين کي عدالتن فقط 6، 6 ڪلاڪن جي سزا ٻڌائي ،انهن مان اهم ڪيس وري ٻيهر وفاقي سرڪار کي موڪليا ويندا ته جيئن انهن جا ڪيس فوجي عدالتن ۾ هلايا ويندا . هن چيو ته چار ڪميٽيون جوڙيون ويون آهن جنهن ۾ ليگل ڪميٽي، ايگزيڪيوشن ڪميٽي ، ميڊيا ڪميٽي ۽انٽيليجنس ڪميٽي ، شامل آهن . هن چيو ته اهو فيصلو ڪيو ويو آهي ته افغانين سان گڏ ٻين  غير ملڪي  غير قانوني آيل لکين ماڻهن خلاف ڪريڪ ڊائون ڪيو ويندو جنهن ۾ بنگالي ، برمي ، بهاري . ايراني ۽ ٻين ملڪن جا رهواسي شامل آهن .  هن چيو ته اهو به فيصلو ڪيو ويو آهي  بلڊرن ، صنعتڪارن ، دڪاندارن ، هوٽل مالڪن سان ڊي سي رابطو ڪري انهن غير ملڪي ڌارين جا تفصيل حاصل ڪندا . هن چيو ته اسان نادرا کي به پابند ڪنداسين ته اها جن غير ملڪين کي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪيا ويا آهن اهي رد ڪن ۽ ٻين کي سڃاڻپ ڪارڊ جاري نه ڪن .  هن چيو ته سمورن گھر مالڪن کي به پابند ڪيو ويندو ته هو ڪرائيدارن  جا مڪمل تفصيل لاڳاپيل ٿاڻن تي فراهم ڪن  .عمل نه ڪندڙن خلاف سخت قانوني  ڪارروائي ڪئي ويندي .  هن چيو ته جيڪي به خانگي سيڪيورٽي ڪمپنيون آهن انهن کي پابند ڪيو ويو آهي ته اهي پنهنجي ملازمن جا مڪمل تفصيل فراهم ڪن هن وقت انهن سيڪيورٽي ڪمپنين وٽ 60 هزار ملازم آهن . هن چيو ته سنڌ جي ٻين صوبن سان ملندڙ سرحدي حدن تي چيڪ پوسٽون قائم ڪيو وينديون ته جيئن سنڌ ۾ داخل ٿيندڙ ماڻهن کي رجسٽرڊ ڪري سگھجي .  هن چيو ته 5 سئو مذهبي دهشت گردي ۾ ملوث دهشت گردن ۽ 4 سئو ٻين سنگين ڏوهن ۾ ملوث ڏوهارين کي گرفتار ڪرڻ لاءِ انهن جي سر جي قيمت مقرر ڪئي ويندي .  هن چيو ته هاڻ لائوڊ اسپيڪر تي مذهبي  ، فرقيواراڻي  ۽ لساني  نفرت پکيڙيندڙ تقرير ، وال چاڪنگ ، پمفليٽ ڇاپڻ ۽ ورهائڻ تي پابندي هوندي .  هن هڪ سوال جو جواب ڏيندي چيو ته 12 مئي ، 9 اپريل سميت ٻيا جيڪي به ڪيس آهن جيڪي هن قانون جي زمري ۾ ايندا اهي اسان وفاقي سرڪار کي موڪلينداسين ته جيئن اهي فوجي عدالتن ۾ موڪلي سگھن .  هن چيو ته صولت مرزا جي ڦاهي واري عمل کي وفاقي  گھرو کاتي طرفان روڪرايو ويو آهي اهو انهن کان پڇو وڃي ته انهن هڪ پارٽي کي ڪيئن فائدو ڏنو آهي وفاقي گھرو کاتو لکت ۾ ڏيندو ته ان کي ڦاهي چاڙهيو ويندو .هڪ سوال ته مذهبي پارٽين طالبان جندا لله، جيش محمد . سپاھ صحابه پنهنجي ماڻهن کي چيو آهي ته اوهان ايم ڪيو ايم ۾ وڃو ته اوهان کي ڦاهي نه چاڙهيو ويندو .  جنهن جو جواب ڏيندي هن چيو ته اهو ڪم وفاقي حڪومت جو آهي اهو ان کان پڇو ته اهي هڪ پارٽي کي ڪيئن فائدو پيا ڏين . هن چيو ته وڏي وزير ڊي جي رينجرس ۽ آءِ جي پوليس کي حڪم ڏنو آهي ته اهي دهشت گردن جا ڪيس فوجي عدالتن ۾ موڪلڻ  لاءِ لسٽ تيار ڪن ته اها وفاقي سرڪار کي موڪلي وڃي .  هن چيو ته فوجي عدالتون قائم ڪرڻ جو ڪم وفاقي سرڪار جو آهي .  هڪ سوال ته اوهان فوجي عدالتن جي حمايت ڪئي ماضي ۾ اوهان مخالف رهيا آهيو اوهان جو چيئرمين به ان جي خلاف آهي ، جو جواب ڏيندي هن چيو ته اسان فوجي عدالتن جي خوشي ۽ شوق سان  حمايت نه ڪئي آهي اسان عوام جي وسيع تر مفاد ۾ اهو فيصلو ڪيو آهي دهشت گردن معصوم شهرين سان گڏ ٻارڙن کي به شهيد ڪيو . پي پي ڏکيو فيصلو قبول ڪيو آهي .

لاڳاپيل خبرون

روڊ تي جهيڙو ڪري مڙس مارائڻ جو سبب بڻجندڙ زال۽ رينجرز اهلڪار خلاف ٻيهر ايف آءِ آر داخل ڪرڻ جو حڪم

سنڌ حڪومت طرفان قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ هيليڪاپٽر خريدڻ جي منظوري

ٿر جو ڏڪار وڌيڪ ٻن ٻارڙن سميت 3 حياتيون ڳڙڪائي ويو، امدادي ڪارروايون به ٺپ

حڪومت ثبوتن کي ضايع ۽ تبديل ڪري رهي آهي، سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪيس ٻڌي سگهي ٿي: مشرف

افغانستان: هلمند ۾ ڌماڪو، 3 امريڪي فوجي مارجي ويا

حڪومتي رٽ متاثر ٿيڻ نه ڏبي، گوسڙو ۽ پاليسين تي نه هلندڙ ڪامورن خلاف ڪارروائي ٿيندي: وڏو وزير

آصف جا عمران، سراج الحق ۽ شيخ رشيد سان رابطا،پارٽي ڪارڪن ڪنهن به صورتحال لاءِ تيار رهن: زرداري

ڪراچي:ڇنڇر تي پي اين ايس ڊاڪيارڊ تي حملي جو انڪشاف، هڪ نيوي آفيسر مارجي ويو، 6 زخمي

سنڌ ۾ ٻوڏ جو خطرو ناهي، گڊوءَ کان سکر تائين ڪچو خالي ڪيو وڃي: پي ڊي ايم اي آبپاشي کاتو

شفاف چونڊون: اليڪشن ڪميشن آر اوز کي وڌيڪ اختيار، مدي ۾ واڌ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

عالمي ادارا وسيلن تي قبضو چاهين ٿا، او جي ڊي سي ايل جي نجڪاري غيرآئيني آهي: رضا رباني

سيڪيورٽي ايمرجنسي جي تجويز، سياسي پارٽين وٽ هٿياربند جٿا ناهن: وفاقي سرڪار

تبصرو ڪيو

نالو (گهربل)

اي ميل (شايع نه ڪيو ويندو) (گهربل)

ويب سائيٽ

ڪارٽون

اِي پيپر

ميگزين

ڪچهري قائم هجي ته مون سگريٽ دُکايو، هڪ دوست جيڪو سگريٽ کان پري…

محمد قاسم مير جت وڪيل ٽنڊو الهيار سنڌين ۽ مهاجرن جي گڏيل آبادي…

وچ مشرق جي تاريخ تمام قديم آهي. انهيءَ ۾ عراق، ايران، لبنان، فلسطين…

محمد قاسم سوڍر جي يو آءِ سنڌ جي جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر خالد محمود…

فدا حسين شيخ ٺٽي جو عروج  ڪنهن ڏٺو نه ڏٺو ، پر اسان جي ٽهيءَ جيڪو…

سجاد حيدر علي قادري قسط 2 ڪابه ٽائون پلاننگ اوسيتائين مڪمل نه…

خير محمد ڪولاچي سنڌي قوم خطي جي ٻين قومن جي ڀيٽ ۾ نفيس ۽ نرم مزاج…

سنڌ جي سرزمين صدين کان بلند پائي جي عالمن، صوفي، درويشن، اوليائن،…

02خط جو رواج ڪونهي، ڪير خط ڏانهم لکي، خط لکڻ لاءِ پتو کپي، سڀ پتا…

جيڪڏهن ڪرڪيٽ جي شوقينن کي اهو چئجي ته توهان پنهنجو پسنديده رانديگر…

آءِ سي سي ۾ بگ ٿري جو قبضو ڪا راز جي ڳالهه ناهي، پر بگ ٿري هن ڀيري…

پاڪستان جي پهرين اينيميشن فيچر فلم ”تين بهادر“ جي پهرين جهلڪ…

Advertisements

From → Uncategorized

Leave a Comment

Leave a Reply

Fill in your details below or click an icon to log in:

WordPress.com Logo

You are commenting using your WordPress.com account. Log Out / Change )

Twitter picture

You are commenting using your Twitter account. Log Out / Change )

Facebook photo

You are commenting using your Facebook account. Log Out / Change )

Google+ photo

You are commenting using your Google+ account. Log Out / Change )

Connecting to %s

%d bloggers like this: