Skip to content

Ka;a Bagh Dam issue again in NA

June 22, 2013

 

 

قومي اسيمبلي ۾ وري تڪراري ڪالاباغ ڊيم جو پڙاڏو، پ پ ۽ ٻين مخالف جماعتن جا ميمبر خاموش

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي ۾ حڪمران جماعت مسلم ليگ (ن) جي ميمبرن توڙي سرائيڪي علائقي مان آزاد چونڊيل ميمبر جمشيد دستي تڪراري ڪالاباغ ڊيم تعمير ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي، پ پ ۽ ٻين ڊيم مخالف پارٽين جا ميمبر خاموش تماشائي بڻيل، ڊڪٽيٽر ضياءُ جي پٽ اعجاز الحق طالبان سان ڳالهيون ڪرڻ توڙي اين آر او سميت سمورا معاهدا پارليامينٽ ۾ پيش ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي، بجيٽ تي بحث ۾ حصو وٺندي مسلم ليگ (ن) جي چوڌري اشرف چيو ته زراعت جي ترقي سان سمورا اقتصادي مسئلا حل ٿي ويندا، پاڻي صورتحال جي بهتري ۽ آبپاشي جون ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ ڪالاباغ ڊيم تعمير ڪرڻو پوندو، ان لاءِ اعتراض ڪندڙ ڀائرن سان ڳالهيون ڪرڻيون پونديون، اعجاز الحق چيو ته دهشتگردي واري چئلينج سبب اقتصادي مسئلا آهن ۽ اسان بجيٽ به تيار ڪري نٿا سگهون، حڪومت واضح ڪري ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ اسان جي ڪهڙي پاليسي آهي، ان جنگ جي ڪري اسان کي 100 ارب ڊالر جو اقتصادي نقصان ٿيو، 48 هزار پاڪستاني شهيد ٿيا، هن چيو ته فوج دهشتگردي خلاف جنگ کي پنهنجي جنگ چئي پنهنجو نظريو ئي تبديل ڪري ڇڏيو آهي، هن چيو ته اين آر او سميت سمورا ظاهر ۽ ڳجها معاهدا پارليامينٽ ۾ پيش ڪيا وڃن، ايم ڪيو ايم جي ساجد احمد چيو ته عوام سان دشمني تي ٻڌل بجيٽ پيش ڪيو ويو آهي، ڪاري رنگ جي انگريزن پاڪستان قائم ڪرڻ کانپوءِ اڇي رنگ جي انگريزن جي قائم ڪيل نظام کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، هن چيو ته خواجا سعد رفيق سٺو ماڻهو آهي، جيڪڏهن اهو به ريل نظام کي ٺيڪ نه ڪري سگهي ته پوءِ لالو پرساد کي پاڪستان آڻي ريل کي ٺيڪ ڪيو وڃي، هن چيو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ذريعي ماڻهن کي فقير نه بڻايو وڃي پر اها رقم توانائي شعبي ۾ استعمال ڪئي وڃي، هن چيو ته ڪراچي ۾ ايجنسيون خطرناڪ راند کيڏي رهيون آهن، ڪراچي کي بنگلاديش نه بڻايو وڃي، ايم ڪيو ايم جي 15 هزار ماڻهو ماريا ويا پوءِ به اوهان جو پيٽ نٿو ڀرجي، جيڪڏهن اسان رد عمل ڪيو ته پوءِ سمجهي وڃو، مان ڇا ٿو چوڻ چاهيان، پ پ جي نفيسه شاهه چيو ته ملڪ ۾ آئيني ۽ جمهوري راڄ لاءِ جدوجهد پ پ ڪئي آهي، ملڪ ۾ هزارين ماڻهو دهشتگردي واري باهه  ۾ سڙي ويا پوءِ به ڪجهه ماڻو چون ٿا ته هي اسان جي جنگ ناهي، هن چيو ته ملڪ جو حال ۽ مستقبل خطري ۾ آهي، تنهنڪري اهي اسان جي جنگ آهي ۽ رهندي، مطالبو ٿي ڪريان ته اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني جي پٽ کي بازياب ڪرايو وڃي، تحريڪ انصاف جي مخدوم جاويد هاشمي چيو ته جتي پ پ ملڪ ۽ اسيمبلي کي 5 سالن ۾ پهچايو، اسحاق ڊار انهن کي 15 ڏينهن ۾ پهچايو، هڪ ئي بجيٽ سمورو قصو تمام ڪري ڇڏيو آهي، هن چيو ته پاڪستان هميشه اميرن کي ڏنو آهي، جڏهن ته غريب دربدر آهي، بجيٽ واپس وٺڻ نئين ڳالهه نه آهي، ڀٽو دور ۾ ائين ٿيو، تنهنڪري عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ بجيٽ واپس ورتي وڃي، هن چيو ته سياستدانن جي حڪومت ڏسي ماڻهو چون ٿا ته ايوب، ضياءَ ۽ مشرف ٺيڪ هئا، اسان ماڻهن کي ڇو مايوس ڪري رهيا آهيون؟ هن چيو ته اسلام آباد جي آبادي 20 لک ٿي وئي، ان کي هلائڻ وارو ڪير ناهي، تنهنڪري ان کي صوبو بڻايو وڃي، پ پ کي الوداع ڪندڙ جمشيد دستي چيو ته ڪالاباغ ڊيم ٺهڻ گهرجي، هي ڊيم تعمير ٿيندو، سنڌي ڀائرن کي چوندس ته ان کي سياست جي نظر نه ڪن، هن چيو ته کدڙا فقيرن لاءِ اسيمبلي ۾ سيٽ هئڻ گهرجي، مزدورن لاءِ به 3 سيٽون مخصوص ڪيون وڃن، حڪمران جماعت جي علي حسن گيلاني چيو ته آمريڪا طالبان سان ڳالهيون ڪرڻ چاهي ٿو، ان کي تجويز ڏيندس ته ميان نواز شريف سان ڳالهائي،  پ پ جي غلام رسول ڪوريجو چيو ته بجيٽ ۾ زراعت کي رليف ڏنو وڃي، عوام مسلم ليگ کي مينڊيٽ ڏنو آهي، نيڪ نيتي سان ڪم ڪري عوام کي رليف ڏئي، جيڪڏهن ملڪ ٽٽي ويو ته سڀ تباهه ٿي وينداسين، ماضي ۾ (ق) ليگ ۽ تازو حڪمران جماعت جي ٽڪيٽ تي ميمبر طور چونڊيل رضا حيات هراج چيو ته فقط هي پارليامينٽ بالادست آهي، هن چيو ته ڇا هڪ هزار يا 1200 رپيا ڏيڻ واري پاليسي سان غربت ختم ٿيندي؟ هي ملڪي سلامتي جو مسئلو آهي، حڪومتي ڌر جي تهمينه دولتانا چيو ته سيڪيورٽي ۽ انٽيليجنس ادارن کي پارليامينٽ ۽ وزيراعظم جي ڇٽي هيٺان اچڻ گهرجي، هن چيو ته اچو ته گڏجي ملڪي مسئلا حل ڪريون، ڊاڪٽر رميش چيو ته سنڌ ۽ بلوچستان مان هندو هجرت ڪري وڃي رهيا آهن، انهن جي ڪير ٻڌي نٿو، جيڪي مشڪلن جو شڪار آهن، ان لاءِ قدم کنيا وڃن، پ پ جي سردار ڪمال چانگ چيو ته هي قائداعظم جو پاڪستان نه آهي، ان هن پاڪستان جو خواب نه ڏٺو، جنهن ۾ ڪلاشنڪوف ۽ دهشتگرد ڪلچر هٿي وٺي رهيا آهن، پ پ جي پير شفقت حسين جيلاني چيو ته ٽيڪس ۾ اڻ سڌا ٽيڪس وڌيڪ آهن، جيڪي سماجي شعبي تي خرچ ڪيا وڃن ۽ سڌا ٽيڪس وسيع ڪيا وڃن، ملڪ ۾ وڏي غربت آهي، انهن کي عذاب مان ڪڍڻ لاءِ سماجي شعبي تي خرچ وڌايا وڃن.

The Kawish Group of Publication
B/2 Civil Line  Hyderabad,Sindh Pakistan.
Phone:+92 (22) 2780026,2780027,2780525   Fax: +92 (22) 2780772, 2781167
Emailkawish12@gmail.com   

   

Advertisements

From → Uncategorized

Leave a Comment

Leave a Reply

Fill in your details below or click an icon to log in:

WordPress.com Logo

You are commenting using your WordPress.com account. Log Out / Change )

Twitter picture

You are commenting using your Twitter account. Log Out / Change )

Facebook photo

You are commenting using your Facebook account. Log Out / Change )

Google+ photo

You are commenting using your Google+ account. Log Out / Change )

Connecting to %s

%d bloggers like this: