Skip to content

bhit shah varsity soofi moot

June 22, 2013

 

پراڻيون خبرون

June 2013
M T W T F S S
« May    
  1 2
3 4 5 6 7 8 9
10 11 12 13 14 15 16
17 18 19 20 21 22 23
24 25 26 27 28 29 30

اِي پيپر

”دهشتگردي ترقيءَ ۾ رڪاوٽ آهي ، صوفي ازم ذريعي ان جو خاتمو آڻي سگهجي ٿو“ ڀٽ شاهه ۾ ڪانفرنس

JUNE 21, 2013 2:06 AM 1 COMMENT

Share this Article

 

Author:

ڀٽ شاهه (رپورٽ: نوشاد علي ٻگهيو) سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي ڪئمپس انٽرنيشنل يونيورسٽي آف پيس، صوفي ازم اينڊ ماڊرن سائنسز ڀٽ شاهه، اسٽيٽ الناءِ ايسوسيئيشن ۽ پاڪ-آمريڪا المناءِ نيٽ ورڪ جي گڏيل سهڪار سان امن ۽ صوفي ازم جي سري هيٺ هڪ ڏينهن واري ڪانفرنس ريسرچ سينٽر ميوزيم بلڊنگ ڀٽ شاهه ۾ منعقد ٿي، جنهن ۾ ماهرن ۽ اسڪالرن دهشتگردي ۽ انتهاپسندي کي ملڪي ترقيءَ جي راهه ۾ رڪاوٽ قرار ڏيندي واضح ڪيو آهي ته صوفين جي پيغام کي عام ڪري پاڪستان ۾ پائدار امن جو قيام يقيني بڻائي سگهجي ٿو، امن سان ئي ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي لاڳاپيل آهي. سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر نذير اي مغل جي صدارت ۾ ٿيل هڪ ڏينهن واري ڪانفرنس ۾ صوفي يونيورسٽي جي فوڪل پرسن پروفيسر ڊاڪٽر اسلم پرويز ميمڻ، ڊي سي مٽياري فياض عباسي، پروفيسر حافظ ارشد انڍڙ، پروفيسر اڪبر مهيسر، ڊاڪٽر عرض محمد، سيد وقار حسين شاهه، مومن بلو، ڊاڪٽر سرفراز حسين سولنگي، پروفيسر ڊاڪٽر نعيم طارق ناريجو، ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو، ڊاڪٽر انور علي شاهه جي سيد، ڊاڪٽر غلام مرتضيٰ مستوئي، عمران هاليپوٽو، مرتضيٰ سيال، ڊاڪٽر راجا محمد الياس، پروفيسر اميد علي رند، پروفيسر بشير احمد شيخ، فهيم نوناري ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ڪانفرنس ۾ صدارتي خطاب ڪندي سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر نذير اي مغل چيو ته صوفي خدا کان ڊنل ناهي هوندو پر ان سان محبت ڪندو آهي، جنهن سبب صوفي ازم جي معنيٰ پيار جي پرچار ڪرڻ آهي، اهو ئي سبب آهي ته صوفين هميشه ان حد تائين به چيو آهي ته سندن مذهب ۽ شريعت پيار آهي. هن چيو ته پيار نه صرف هميشه برداشت جو مادو وڌائي ٿو پر اهو سچ کانسواءِ ۽ انتهاپسندي تي ٻڌل سمورين تحريڪن کي ختم ڪرڻ ۾ مدد ڏئي ٿو.  هن چيو ته صوفي ازم گهري روحاني پهچ جو بنياد آهي، جنهن ذريعي انسان پنهنجي انا کي ختم ڪري وحدانيت طرف وڌي ٿو. وائيس چانسلر وڌيڪ چيو ته جڏهن مولانا رومي کان سندس سڃاڻپ بابت دريافت ڪيو ويو ته هن  ته پيار ئي سندس سڃاڻپ آهي. هن چيو ته هو پاڪستان جي تفصيلي تاريخ ۾ نه ٿو وڃڻ چاهي پر آخر ڪهڙا ڪارڻ آهن جن ذريعي دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جي پاڙ پٽجي سگهي ٿي ته جيئن ملڪ  کي ترقي جي دڳ تي هلائي سگهجي، اهو اهم سوال آهي، جنهن جو جواب فقط صوفي ازم آهي. ڊاڪٽر مغل چيو ته مختلف کنڊن تي قائم دنيا اڄ هڪ ڳوٺ ۾ تبديل ٿي چڪي آهي ۽ جتي به اڻوڻندڙ واقعا پيش اچن ٿا، انهن سان سڄي دنيا تي اثر پون ٿا، ان ڪري دنيا جي ڀلائي ان ۾ آهي ته امن کي فروغ ڏئي انسانذات جي بهتري ۽ حفاظت يقيني بڻائي سگهجي ٿي. هن چيو ته اهو تڏهن ممڪن آهي جڏهن اسان سموريون قومون هڪٻئي کي سمجهون ۽ برداشت ڪريون. هن چيو ته 9/11 کانپوءِ اهو تاثر ڏنو ويو ته مسلمان جهاد جي نالي تي دهشتگردي ۾ مصروف آهن پر حقيقت اها آهي ته اسلام امن جو دين آهي، جڏهن ته دهشتگردي غير مسلم ملڪن کان شروع ٿي، جيڪا جاري آهي. هن چيو ته پاڪستان مان دهشتگردي، انتهاپسندي، اڻبرابري، عدم برداشت ۽ سماجي برائين جي خاتمي لاءِ صوفي يونيورسٽي جو قيام عمل ۾ آندو ويو آهي، ان مقصدن لاءِ29، 30 اپريل تي حيدرآباد ۾ ٻن ڏينهن واري عالمي ڪانفرس پڻ منعقد ڪئي وئي، جنهن سان دنيا ۾ پاڪستان جو تمام بهترين اثر جڙيو. هن اميد ظاهر ڪئي ته صوفي يونيورسٽي پاڪستان کي جلد امن ۽ آشتي جو مرڪز بڻائيندي. ڪانفرنس کي خطاب ڪندي مٽياري ضلعي جي ڊپٽي ڪمشنر فياض عباسي چيو ته سنڌ يونيورسٽي جي ڪيمپس صوفي يونيورسٽي پاران صوفي ازم ۽ امن تي ڪانفرنس ڪوٺائي عاليشان ڪم ڪيو آهي، سيد وقار حسين شاهه چيو ته انتهاپسندي هڪ فلاسافي آهي، جنهن کي بندوق جي زور تي نه پر صوفي ازم جي فلسفي ذريعي ئي شڪست ڏئي سگهجي ٿي. هن چيو ته ملڪ ۾ پائدار امن لاءِ بهترين هٿيار صوفين جو پيغام عام ڪرڻ آهي. هن چيو ته دنيا ۾ ڪيترائي صوفي رهي چڪا پر شاه عبداللطيف ڀٽائي رح سمورن صوفين جو علمبردار آهي، صوفين جي پيغام کي نوجوان نسل ۾ عام ڪرڻ جي ضرورت آهي. پروفيسر اڪبر مهيسر چيو ته اسٽيٽ المناءِ ايسوسيئيشن ۽ پاڪ-آمريڪا المناءِ نيٽ ورڪ اهو محسوس ڪري ورتو آهي ته دنيا مان نفرتن جي خاتمي لاءِ صوفين جي ڪلام کي عام ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ اسان ان جي شروعات ڀٽ شاهه جي سرزمين مان ڪري رهيا آهيون. ڪانفرنس کي حافظ ارشد انڍڙ، پروفيسر عرض محمد، مومن بلو  ٻين پڻ خطاب ڪيو. ان کان اڳ وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر نذير اي مغل، پروفيسر اڪبر مهيسر ۽ ٻين کي سنڌي روايتي تحفي اجرڪن سان پڻ سينگاريو ويو. بعد ۾ صوفي يونيورسٽي جي شاگردن ۾ سرٽيفڪيٽس پڻ ورهايا ويا.

 

تبصرو ڪيو

From → Uncategorized

Leave a Comment

Leave a Reply

Fill in your details below or click an icon to log in:

WordPress.com Logo

You are commenting using your WordPress.com account. Log Out / Change )

Twitter picture

You are commenting using your Twitter account. Log Out / Change )

Facebook photo

You are commenting using your Facebook account. Log Out / Change )

Google+ photo

You are commenting using your Google+ account. Log Out / Change )

Connecting to %s

%d bloggers like this: