Skip to content

1301 anniversary of Raja Daher

June 22, 2013

ملير/ ڪراچي (ڊ ر/پ ر) جيئي سنڌ محاذ پاران راجه ڏاهر جو 1301 شهادت ڏهاڙو گلشن ِ حديد ۾  جيئي سنڌ محاذ جي  چيئرمين  عبدالخالق جوڻيجو جي صدارت ۾ ملهايو ويو، جلسي کي خطاب ڪندي هن چيو ته 1300 سال اڳ بغداد پاران سنڌ تي ڪاهه ڪرڻ مهل چيو ويو ته سنڌ جي ماڻهن کي ظالم حڪمرانن مان ڇوٽڪارو ڏياري ماڻهن کي امن ءِ انصاف ڏنو ويندو، ساڳيو دليل جارج بش پاران ڏنو ويو ۽ عراق تي قبضو ڪيو ويو اسان ٻنهي عملن کي غلط ءِ ٻين ملڪن جي آزادي ۽ خودمختياري تي وار سمجهندي ان جي مذمت ڪيون ٿا اهو ڪيئين ٿي سگهي ٿو ته جارج بش جو حملو غلط ۽ محمد بن قاسم جو حملو درست چئجي هي جنگ اسلام ۽ ڪفر جي نه پر ملڪن تي قبضي ۽ لٽ مار جي جنگ هئي ـ اسان قومي هيروز جا ڏينهن ان ڪري به ملهائيندا آهيون ته جنگ هارائڻ  ۽ غلط حڪمت عملين کان سبق سکون. اڄ قومي تحريڪ جو هڪ نئون مرحلو شروع ٿيو آهي ان کي ماضي جي غلطين ۽ معروضي حالتن تحت پنهنجيون حڪمت عمليون جوڙيو ته قومي تحريڪ پنهجا مقصد حاصل ڪري سگهندي نه ته انتشار جو شڪار ٿي ختم ٿي ويندي ـ ان کان اڳ امان الله شيخ چيو ته اسان خوشفهمين ۾ نه رهون اها ڪافي ناهي ته اسان جي تاريخ 7000 سال  اڳ جي ۽ رڳو ان تي فخر ڪريو ۽ توڪل تي اڪتفا ڪريون، سنڌ جي حڪمرانن جيسائين جنگ سمنڊ جي حدن تي وڙهي ڪوبه سنڌ کي فتح نه ڪري سگهيو پر مها راجه ڏاهر دشمنن کي اندر اچڻ ڏنو جيڪو شڪست جو ڪارڻ بڻيو ان کان علاوه ڊاڪٽر غفور ميمڻ، هاشم کوسو، ياسين جوڻيجو، اياز هڪڙو، ڪريم چانڊيو ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.

شهيد راجا ڏاهر وطن دوست۽ غيرتمند انسان هو: مقرر

چوهڙ جمالي (ن ع آ) : سنڌ ڪلچرل فورم پاران سنڌ وطن جي شهيد اول شهيد مهاراجا ڏاهر جي ورسي ملهائي وئي. تقريب ۾ سنڌ ڪلچرل فورم جي چيئرمين ۽ نوجوان شاعر صادق لاکو، سيڪريٽري ناشاد ملاح، سرور دائودپوٽو، ڊاڪٽر قادر رند ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته عرب سامراج سنڌ ۾ اسلام جي ڦهلاءَ لاءِ نه پر اسلام جي آڙ ۾ سنڌ جي خوشحالي تي ڌاڙو هڻڻ آيا هئا. جڏهن ته سنڌ ۾ اسلام بن قاسم جي ڪاهه کان گهڻو اڳ ڦهلجي چڪو هو. اڳواڻن وڌيڪ چيو ته مهاراجا ڏاهر، وطن دوست، انصاف پسند ۽ غيرتمند انسان هيو. جنهن جي دور حڪومت ۾ ماڻهن جي بنا ڪنهن مذهبي يا نسلي فرق جي خدمت ڪئي ويندي هئي. عربن کي سنڌ جي ماڻهن سان نه پر سنڌ جي دولت سان پيار هو.

 

تبصرو ڪيو

Advertisements

From → Uncategorized

Leave a Comment

Leave a Reply

Fill in your details below or click an icon to log in:

WordPress.com Logo

You are commenting using your WordPress.com account. Log Out / Change )

Twitter picture

You are commenting using your Twitter account. Log Out / Change )

Facebook photo

You are commenting using your Facebook account. Log Out / Change )

Google+ photo

You are commenting using your Google+ account. Log Out / Change )

Connecting to %s

%d bloggers like this: