Skip to content

only 4 cinemas in Hyd on 27-05-2013

May 27, 2013

ڪراچي(اي پي پي)  ڪراچي ۾ 119 سينيمائن مان رڳو 34 سينيمائون بچيون آهن. 85 سينيمائون شاپنگ مالز ۾ تبديل ٿي ويون  يا وري اتي پيٽرول پمپ ۽ شادي هال تعمير ڪيا ويا آهن. هڪ خانگي ٽي وي چئنل جي رپورٽ مطابق اڄ کان اٽڪل 20 سال اڳ ڪراچي ۾ 119 سينيمائون موجود هيون ۽ پاڪستان فلم انڊسٽري جي ڏينهون ڏينهن پٺتي پوڻ سبب سينيمائون ڊهنديون ويون. هن وقت رڳو افشان، بمبينو،ڪيپري، سني پليڪس ون، سني پليڪس 2، ڊيلائٽ، غالب، گلستان، ڪرن، ميٽرو، ڪمار، لالا زار، مهتاب، مسرت، نرگس، نسيم، نشيمن، نسرين، نگار، پرنس، راج محل، رنگ محل، راڪسي، صبا، سنگم، شبنم، شيش محل، شهزاد، شيرين. تصوير محل، وينس ۽ زينت موجود آهن. واضح رهي ته ڪراچي جي سڀ کان پراڻي سينيما اسٽار هئي جيڪا 18-1917ع ۾ تعمير ٿي جنهن بعد  جوبلي سينيما آهي جيڪا ورهاڱي کان پوءِ سيپٽمبر 1947ع ۾ تعمير ٿي. پرنس سينيما واحد سينيما آهي جنهن ۾ مجموعي طور تي 1322 سيٽون آهن. ڪراچي ۾ سير تفريح لاءِ ويندڙ ماڻهن جي سهولت لاءِ مري ڊرائيوان جي نالي سان به گشتي سينيما تعمير ڪئي وئي هئي جتي 700 ڪارون بيهاري فلم ڏسڻ جي گنجائش هوندي هئي. ڪراچي جي ايم اي جناح روڊ تي واقع نشاط سينيما کي ڪجهه وقت اڳ باهه ڏئي ساڙيو ويو  جتي اڃا تائين ڪجهه به تعمير نه ٿي سگهيو آهي. حيدرآباد ۾  به 4 سينيمائون موجود آهن جن ۾ بمبينو،قيصر، نيو مئجسٽڪ ۽ شهاب موجود آهن. سکر ۾ هڪ به سينيما ناهي. سنڌ جي چوٿين وڏي شهر لاڙڪاڻي ۾ 5 سينيمائون هونديون هيون جن مان رڳو هڪ قلوپطره موجود آهي جڏهن ته المنظر، ايمپائر، رائل ۽ نگار پيٽرول پمپ ۽ شاپنگ سينٽر ۾ تبديل ٿي ويون آهن.

 

Advertisements

From → Uncategorized

Leave a Comment

Leave a Reply

Fill in your details below or click an icon to log in:

WordPress.com Logo

You are commenting using your WordPress.com account. Log Out / Change )

Twitter picture

You are commenting using your Twitter account. Log Out / Change )

Facebook photo

You are commenting using your Facebook account. Log Out / Change )

Google+ photo

You are commenting using your Google+ account. Log Out / Change )

Connecting to %s

%d bloggers like this: