Skip to content

N league number in NA touches 181 members

May 27, 2013

اسلام آباد/لاهور(م ڊ) مسلم ليگ ن جي صدر ميان نواز شريف کي وزيراعظم جو اميدوار نامزد ڪيو ويو آهي، جنهن جي باضابطا منظوري پارلياماني پارٽي جي اجلاس ۾ ڏني ويندي، ن ليگ 18 آزاد اميدوار ن جي شموليت کان پوءِ ايوان ۾ سادي اڪثريت ماڻي ورتي، سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير ارباب غلام رحيم پنهنجي پارٽي پيپلز مسلم ليگ کي ن ليگ ۾ ضم ڪري ڇڏيو. مليل اطلاعن مطابق مسل ليگ (ن)جي صدر ميان نواز شريف کي سندس پارٽي وزيراعظم جو اميدوار نامزد ڪيو آهي جنهن جي باضابطا منظوري پارلياماني پارٽي هڪ ٻن ڏينهن ۾ ڏيندي. مسلم ليگ ن طرفان چيو ويو آهي ته تازين چونڊن ۾ ڀرپور عوامي مينڊيٽ سبب پارٽي ميان نواز شريف کي وزيراعظم نامزد ڪري ٿي. هاڻ ن ليگ جي پارلياماني پارٽي جو اجلاس 28 مئي تي قومي اسيمبلي جي اجلاس کان اڳ ٿيندو جنهن ۾ وزيراعظم جي منظوري ڏني ويندي. جڏهن ته اليڪشن 2013ع ۾ آزاد حيثيت سان چونڊيل 18 ميمبرن پاڪستان مسلم ليگ (ن) ۾ شموليت ڪري ڇڏي آهي. آزاد ميمبرن جي شموليت بعد مسلم ليگ (ن) جي قومي اسيمبلي ۾ سادي اڪثريت مڪمل ٿي وئي آهي. اليڪشن ڪميشن مطابق پنجاب مان 12، بلوچستان مان چئن، سنڌ ۽ خيبرپختونخواه مان هڪ هڪ ميمبر پاڪستان مسلم ليگ (ن) ۾ شموليت ڪئي آهي. آزاد ميمبرن جي شموليت بعد مسلم ليگ (ن) جي ميمبرن جو انگ 144 ٿي ويو آهي. عورتن ۽ اقليتن جي مخصوص سيٽن تي ميمبرن جي شموليت بعد ان انگ ۾ اڃان وڌيڪ اضافو ٿيندو. ن ليگ کي عورتن جي خاص سيٽن جي ڪوٽا مان 32 سيٽون ملنديون ۽ اقليتن جون 5 خاص سيٽون به ن ليگ جي حصي ۾ اينديون، جنهن سان ن ليگ جي ايوان ۾ ميمبرن جو انگ 181 ٿي ويندو، اتحادي پارٽين کي به شامل ڪجي ته مسلم ليگ فنڪشنل جون 5، پختون خوا ملي عوامي پارٽي جون 3، نيشنل پيپلز پارٽي جون 2 ۽ نيشنل پارٽي جي هڪ سيٽ به ان ۾ شامل ڪجي ته انگ 192 ٿي ويندو ۽ اهڙي ريت سادي اڪثريت جو ڪو مئلو نه رهيو آهي. 342 جي ايوان ۾ حڪومت ٺاهڻ لاءِ سادي اڪثريت 171 آهي. واضح رهي ته 11 مئي جي چونڊن بعد مسلم ليگ (ن) 126 سيٽون حاصل ڪيون هيون. پنجاب اسيمبلي مان 32 آزاد ميمبرن مسلم ليگ (ن) ۾ شموليت ڪئي، جڏهن ته خيبرپختونخواه مان 9 آزاد اميدوارن پاڪستان تحريڪ انصاف ۾ شموليت ڪئي آهي.هوڏانهن سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير ارباب غلام رحيم نواز شريف جي قيادت تي اعتماد جو اظهار ڪندي پنهنجي پارٽي پيپلز مسلم ليگ کي مسلم ليگ(ن) ۾ ضم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. اهو اعلان هن گذريل ڏينهن پنجاب جي نامزد وڏي وزير محمد شهباز شريف سان ملاقات ۾ ڪيو.  ارباب غلام رحيم چيو ته رڳو نواز شريف ئي ملڪ کي درپيش چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي سگهه رکي ٿو ۽ نواز شريف جو هر سطح تي ساٿ ڏنو ويندو. شهباز شريف ارباب غلام رحيم جي فيصلي جي آجيان ڪندي چيو ته سندس پارٽي جي مسلم ليگ(ن) ۾ شموليت سنڌ ۽ پاڪستان جي تعمير ۽ ترقي ۾ هاڪاري ڪردار ادا ڪندي. ارباب رحيم کي پنهنجي پارٽي ۾ ڀليڪار چئون ٿا.

 

 

Advertisements

From → Uncategorized

Leave a Comment

Leave a Reply

Fill in your details below or click an icon to log in:

WordPress.com Logo

You are commenting using your WordPress.com account. Log Out / Change )

Twitter picture

You are commenting using your Twitter account. Log Out / Change )

Facebook photo

You are commenting using your Facebook account. Log Out / Change )

Google+ photo

You are commenting using your Google+ account. Log Out / Change )

Connecting to %s

%d bloggers like this: