Skip to content

MQM SHOW OF POWER IN PRESENCE OF ARMY CHIEF AND CHIEF JUSTICE

March 7, 2013

 

تازه خبرون

ڪارٽون

cartoon-06032013

پراڻيون خبرون

March 2013
M T W T F S S
« Feb    
  1 2 3
4 5 6 7 8 9 10
11 12 13 14 15 16 17
18 19 20 21 22 23 24
25 26 27 28 29 30 31

اِي پيپر

ڪراچي، مفاهمت ۽ طاقت جا قصا

MARCH 7, 2013 12:46 AM 0 COMMENTS Email This Post EMAIL THIS POST Print This Post PRINT THIS POSTVIEWS: 46

پاڪستان مان جيڪي ڳالهيون نوٽ ٿيون آهن، اهي ”اميد“ ۽ ”نااميدي“ جي سرحدن جي وچ ۾ آهن. سنڌ جي حالت ظاهر ۾ اهڙي ڪانهي پر اندر ۾ اها بلوچستان کان به خراب آهي. هڪ ڏينهن ٻُنڀ ڏيئي اهي حالتون پنهنجي ڪنٽرول ۽ نقاب مان نڪري اينديون ۽ پاڪستان ۾ ڏکن جي وادي سنڌ هڪ نئين سفر تي اُسهندي، ان جو اهو اسهڻ خطرناڪ هوندو. پرهيز جي گهرج آهي. پنهنجي اباڻي شهر نوشهروفيروز ۽ ان جي سرحدي خيرپور ضلعن جي حالت مان سڄي سنڌ جي ”حالتِ زار“ جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. سنڌي ماڻهو تمام گهڻو غريب ٿي ويا آهن. تعليم تباه ٿي رهي آهي. وڏيرا ۽ ڪراچي جا متحده وارا سياستدان ان تعليمي تباهي تي خوش آهن ۽ پاڻ ۾ متفق آهن. منهنجو خيال هيو ته، خيرپور ۾ مرحوم خانبهادر ايوب کهڙي جي مائٽن جي ان زمين تي قبضي جي ڪهاڻي به لکان جيڪا هڪ وڏي ڪهاڻي آهي. ان ڪهاڻي جا مظلوم ڪردار اڄ به درخواستون کڻي مرحوم کهڙي کان وٺي ان جي اولاد تي دانهين آهن، پر انهن جي ڪير به نه ٿو ٻُڌي. چون ٿا ته ٿوري وقت کانپوءِ، شايد ”پير صاحبان“ ۽ ”کهڙا صاحبزادن“ ۾ ان زمين تي تڪرار شروع ٿيندو. ”پر يه ڪهاني ڦر سهي“. ڪراچي ۾ اوچتو نوان نوان لقاءَ ڏسڻ ۾ اچي رهيا آهن. اقتدار جا ڊراما آهن جيڪي ختم ٿيڻ جو نالو ئي نه ٿا وٺن. عباس ٽائون واقعي تي پردي وجهڻ مان به معلوم ڪري سگهجي ٿو.

اوهان کي اها ڳالهه ٻڌي حيرت ٿيندي ته چار ڏينهن اڳ جنهن ”عباس ٽائون“ ۾ خطرناڪ ۽ شديد بم ڌماڪو ٿيو هيو، اهو ”عباس ٽائون“ ۾ ٿيو ئي نه هيو. اصل ۾ عباس ٽائون هڪ وڏي ايريا جو نالو آهي. اهو ڌماڪو رابعه فلاور ۽ اقرا سٽي ۾ ٿيو آهي. ان ۾ اٽڪل 50 ڄڻا مارجي ويا ۽ 200 زخمي ٿيا. اوهان کي ڪنهن ٻڌايو آهي ته ان ڌماڪي ۾ 12 ڄڻا سنڌي مارجي ويا جيڪي خيرپور، هڱورجا ۽ مورو جا هيا. ان ڌماڪي ۾ 34 ڄڻا سُني ۽ 16 ڄڻا شيعا هيا. ڪراچي ۾ ان خطرناڪ ڌماڪي جي ڪري متحده کي پنهنجي سياست ڪرڻ جو وجهه ملي ويو آهي. اهي سموريون ڳالهيون جي ميڊيا ۾ آيون سي سڀ واپس يا ورائي نه ٿيون سگهجن. پر انهن ڳالهين کي عوام کي ٻڌائڻ لاءِ ڪير آهي؟ ان سوال جو جواب ڪير به ڏيڻ لاءِ تيار ناهي!

عباس ٽائون جي واقعي جي ڪري متحده قومي مومينٽ پنهنجو مطالبو اهو پيش ڪيو ته عباس ٽائون ۾ ڌماڪا ڪندڙن جي گرفتاري تائين ”اسان ڪراچي ۾ ڪاروبار ۽ اسڪول هلڻ نه ڏينداسين“ ان کان اڳ، ڪراچي، حيدرآباد، سکر، ميرپورخاص ۾ پاڪستان جي ميڊيا ” نامعلوم ماڻهن“ جي هٿان اهي سمورا شهر فائرنگ وسيلي بند ڪرائڻ جون ڳالهيون هليون. جڏهن ته ميڊيا کي به خبر آهي ۽ هئي ته ” نامعلوم ماڻهو“ ڪير آهن؟ ڪجهه تجزيو ڪندڙن جو خيال آهي ته سرڪار ۽ متحده ۾ ڳالهيون هلي رهيون آهن. متحده پاران نگران سرڪار ۾ ٻن اهم وزارتن جي باري ۾ مطالبو ڪيو ويو آهي. اهي ٻه گهرجون آهن هڪ ناڻي واري وزارت جي ۽ ٻي آهي گهرو وزارت جي.

ڪراچي ۾ جيئن ئي شام جو متحده پريس ڪانفرنس ڪئي ته سڄو شهر ” اڻ ڄاڻايل مدي لاءِ بند ٿيڻ“ جي خبر، وارننگ ۽ ڌمڪي نوٽ ڪئي. اها ڳالهه جيئن ته رياست تي ”حملي“ جي برابر هئي ان ڪري پاڪستان جي آرمي ۽ رينجرز پنهنجي صفندي ڪندي اهو فيصلو ڪيو ته ڪراچي شهر تي ڪڙو چاڙهي ڪا منظم ڪارروائي جي گهرج پوڻ جو وقت اچي ويو آهي. اها ڳلهه جيئن ئي شهر ۾ سامهون آئي ته متحده سمجهي ويئي ته نه رڳو هو ناڪام ويندا ۽ سندن نقصان پڻ ٿيندو پر هو سياسي طور جيڪي ” نگران فائدا“ وٺڻ چاهين ٿا اهي پڻ انهن جي هٿن مان هليا ويندا.

ٻن ڪلاڪن کانپوءِ، متحده کان عباس ٽائون ۾ حملو ڪندڙ وسري ويا ۽ انهن پنهنجي سياسي هيڊڪوارٽر تي وري پريس ڪانفرنس ڪندي اعلان ڪيو ته ” عباس ٽائون ۾ ڌماڪا ڪندڙن جي گرفتاري تائين اسان ڪراچي ۾ ڪاروبار ۽ اسڪول نه هلڻ جو جيڪو اعلان ڪيو هيو سو واپس وٺي رهيا آهيون، پر اسان عباس ٽائون وارن سان گڏ آهيون“  ٻن ڪلاڪن ۾ ان اعلان جي واپسي جو مطلب يا ته رينجرز کان ”خوف“ هوندو يا وري سرڪار پاران مطالبا ”مڃجڻ“ جي خاطري کانپوءِ اهو ٿيو آهي.

هوڏانهن پاڪستان پيپلزپارٽي سنڌ اسيمبلي توڙي وزيراعليٰ هائوس ۾ عباس ٽائون تي جيڪو موقف رکيو اهو نه رڳو انساني موقف آهي، پر اهو سياسي ۽ عوامي به آهي. ان واقعي ۾ نقصان برداشت ڪندڙ سنڌ اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر شهلا رضا ۽ قادرپٽيل جيڪا پريس ڪانفرنس ڪئي ان ۾ پڻ اها ڳالهه چٽي نموني ڪئي ويئي آهي ته ” متحده لاشن تي سياسي اسڪور نه ڪري ۽ ڪالهه تائين سرڪار ۾ گڏ رهندڙ اڄ سرڪار کي نااهل چوڻ کان اڳ سوچي“  پر اهي ڳالهيون ميڊيا تي هڪ دفعو آيون ۽ وري نه آيون. اوهان حيران ٿيندا ته سڄو شهر هنگامي طرز اختيار ڪندو ويو، وزيراعلي هائوس ۾ ميڊيا وارا ٽي وي ڪوريج لاءِ نه پهچي سگهيا پر اهي ايڏي وڏي شور ۽ خوف ۾ به متحده وٽ پهچي سگهيا.

ڪراچي ۾ هڪ پاسي سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس آف پاڪستان موجود آهي ته ٻئي پاسي پاڪستان آرمي جو سربراهه موجود آهي. ٻيئي چيف موجود آهن. عام طور وڏن جي موجودگي ۾ اهو سڀ ڪجهه ٿيڻ ”معيوب“ ڳالهه آهي. پر هڪ لحظي لاءِ سوچي سگهجي ٿو ته ڇا متحده پنهنجي پاور کي انهن جي شهر ۾ موجود هجڻ جي ڪري استعمال ڪيو؟ ڇا اهي ٻنهي سربراهن واسطي ڪنهن ”مشاهدي“ جو اطلاع آهن يا طاقت جي ورجاءَ جو ڄٽاڻو خيال؟ پر ڇا به هجي، هاڻي سوچڻو ته سڀني کي پوندو؟

اهڙي صورتحال ۾ سنڌ جو گورنر ”ها“ ۽ ”نه“ جي وچ ۾ موجود آهي. عام سياسي تجزيو اهو آهي ته جي ڪنهن وقت به متحده کي پنهنجي پاور کي شدت سان باور ڪرائڻو پيو ته ان وقت سنڌ جو گورنر ايڏي وڏي پريشر واري حالت ۾ نه رهي سگهندو. سنڌ جي گورنر جي ضمانت جا ڪجهه اولڙا اسانجي ملڪ انگلستان ۾ به نظر اچي سگهن ٿا. هڪ پاسي سندس ليڊر اسان وٽ جلاوطن آهي ته ٻئي پاسي اسانجو ئي ملڪ ۽ ان جا سفير بنا ڌڙڪ سنڌ گورنر سان ملي رهيا آهن. ڪالهه به شهر جي ايڏي وڏي صورتحال ۾ جڏهن ملڪن جا سفير گهرن اندر رهڻ لاءِ مجبور بنايا ويندا آهن اهڙي حالت ۾  انگلستان جو اسلام آباد ۾ موجود هاءِ ڪمشنر ايڊم ٿامسن ۽ ڪراچي جي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر فرانسس ڪيمبل سنڌ جي گورنر سان ملڻ رڳو ان ڪري ضروري سمجهن ٿا ته ڪي ضروري فيصلا ڪيا وڃن يا صلاحون ورتيون وڃن.

ڇا ڊاڪٽر عمران فاروق قتل ڪيس جو ايندڙ فيصلو، متحده جي ليڊرشپ جي پريشاني، برطانيه جي هر سطح تي مداخلت، ڪراچي شهر ۾ طاقت جي استعمال وسيلي ممڪنه انگلستاني فيصلي ۾ تبديليون ڪرائڻ جهڙا الڳ الڳ نطر ايندڙ واقعا ڪنهن هڪ واقعي جا حصا آهن يا اهي سمورا واقعا هڪ متحده جي چوڌاري گردش ڪري رهيا آهن؟

ساره زمان (لنڊن)

 
Bookmark and Share

 

Advertisements

From → Uncategorized

Leave a Comment

Leave a Reply

Fill in your details below or click an icon to log in:

WordPress.com Logo

You are commenting using your WordPress.com account. Log Out / Change )

Twitter picture

You are commenting using your Twitter account. Log Out / Change )

Facebook photo

You are commenting using your Facebook account. Log Out / Change )

Google+ photo

You are commenting using your Google+ account. Log Out / Change )

Connecting to %s

%d bloggers like this: