Skip to content

AMAR JALEEL

November 8, 2012

اڄ سندس جنم ڏينهن آهي. هيءُ اڪيلو سنڌي ليکڪ آهي جيڪو آزاد سنڌ ۾ پيدا ٿيو ۽ غلام سنڌ ۾ وڌيو ۽ ويجهو آهي، جنهن ڪري هو سدائين چوندو رهيو آهي تھ جيڪڏهن کيس ٻيو جنم مليو تھ هو هند ۾ يا برطانيا ۾ جنم وٺندو ، سندس ان خواهش مان لڳندو آهي تھ هن جو جنمن ۾ وشواس پختو آهي، هُو ٻڌ جو ڀڪشو آهي يا نھ پر سنڌي ادب ۾ سندس سڃاڻپ گوتم ٻڌ جهڙي مظبوط آهي. هو ٻُڌ وانگر ناستڪ آهي يا نھ پر اسان سندس پوئلڳ ادب ۾ ٻڌ جو اوتار ڪري مڃندا آهيون ۽ ساڻس اهڙي عقيدت رکندا آهيون، ڇاڪاڻ تھ دنيا ۾ جيڪي بھ شخص عقيدت کان پري رهيا آهن، انهن جي پوئلڳن ساڻن عقيدت رکي آهي.جن جي اسين پوئواري ڪندا آهيون.

سنڌ جي هن سر مست ڪهاڻيڪار جو نالو امر جليل آهي ۽ سنڌي ڪهاڻيءِ جي دنيا تي سڌ صدي کان راڄ ڪري رهيو آهي، کيس اڄ تائين مسلسل پڙهيو ويو آهي۽ هر ٽهيءَ سندس ٿورو يا گهڻو اثر قبوليو آهي، اهڙو اعزاز سنڌي ڪهاڻيڪارن ۾ امر جليل صاحب کي حاصل آهي، جيتوڻيڪ هو پنهنجي پاران اهڙي مڃتا جمال ابڙي صاحب ۽ شيخ اياز صاحب کي ڏيندو رهيو آهي پر سنڌي ادب ۾ امر جليل فقط هڪ آهي، جيئن اردو ادب ۾ ڪرشن چندر فقط هڪ آهي.

روين ۾ صوفي، نظر ئي ۾ ديش ڀڳت ۽ اڄ تائين ورهاڱي جو سخت مخالف، سنڌي ڪهاڻي جي سونهن ۽ سنڌي ادب کي بيمثال ڪهاڻيون ڏيندڙ، نيٺ گونگي ڳالهايو جهڙو جذباتي ناول، اڻ ڳڻيا ڪالم ڪهاڻيون ۽ هڪ اڻ پوري آتم ڪٿا ادب کي ڏيندڙ امر جليل صاحب پنهنجي ڪهاڻين وسيلي جيڪا مڃتا ماڻي آهي، ان تي نھ فقط هو پاڻ پر سنڌي ادب بھ فخر ڪندو. اهو بھ سچ آهي تھ اياز صاحب وانگر ادب ۾ مزاحمت سنڌي ماڻهن تائين پهچائڻ جي گناھه ۾ جيڪو هن ڀوڳيو آهي، ان جو بھ ڊگهو داستان آهي، جيڪو اسان کي اميد آهي تھ هو پنهنجي آتم ڪٿا وسيلي پنهنجي پڙهندڙن سان ونڊيندو. هونئن تھ سندس اها پيڙا سندس الڳ الڳ لکڻين ۾پڻ ظاهر ٿيندي رهي آهي، ڇاڪاڻ جو اهو قبول ڪيل آهي تھ هر لکڻيءَ ۾ ليکڪ سڌي يا اڻسڌي طرح موجود هوندو آهي، ائين امر جليل پڻ پنهنجي لکڻين، خاص طور پنهنجي ڪهاڻين جي ڪنهن نه ڪنهن ڪردار ۾موجود هوندو آهي.

سندس تخليق ڪيل ڪردار جيتوڻيڪ الڳ الڳ مزاج جا هوندا آهن پر اهي سندس مزاج جي ويجهو هوندا آهن. سندس لکڻيءَ ۾ جيتري سنجيدگي آهي، اوتري ئي مزاح بھ هوندي آهي. ساڳئي وقت ان مزاح پويان هڪ پيڙا بھ هوندي آهي، جيڪا بھ ذهين پڙهندڙن کان لڪي نھ سگهندي آهي. ان ڪري اهو اندازو ڪرڻ ڏکيو نھ آهي ته هن پنهنجي هر لکڻي لکڻ وقت ڪيترو ڀوڳيو آهي، هُن جتي مڃتا جا خطاب ماڻيا آهن اتي سرڪاري توڻي غير سرڪاري مخالفت جا خطاب بھ ڀوڳيا آهن، پوءِ به هو مسلسل پنهنجي لکڻ واري عبادت کان پاسيرو نھ ٿيو آهي،۽ مسلسل لکي رهيو آهي، ڳالهائي رهيو آهي ۽ سڀ ڪجھه ڏسي بھ رهيو آهي.۽محسوس بھ ڪري رهيو آهي.جيڪو هو نھ ڪري رهيو آهي اهو ڪهاڻي لکڻ آهي ، جنهن جي لاءِ اڄ بھ سندس پڙهندڙ پياسا آهن، ساڳئي وقت سندس آتم ڪٿا لاءِ پڻ سنڌ واجهائي رهي آهي ۽ اسان جون اڃا وڌيڪ منجهانئُس خواهشون اُهي آهن ته هو سنڌي ٻوليءَ کي هڪ وڌيڪ ناول به ڏئي. ان اميد سان اسين سنڌ واسي سندس سٺي صحت ۽ وڏي آورجا لاءِ پراٿنا ڪري رهيا آهيون، هو جتي به هُجي خوش هُجي سنڌ پاران ۽ سندس مداحن پاران کيس اڻ ڳڻيون جنم ڏينهن جون واڌايون ۽ بس !

رکيل مورائي

Advertisements

From → Uncategorized

Leave a Comment

Leave a Reply

Fill in your details below or click an icon to log in:

WordPress.com Logo

You are commenting using your WordPress.com account. Log Out / Change )

Twitter picture

You are commenting using your Twitter account. Log Out / Change )

Facebook photo

You are commenting using your Facebook account. Log Out / Change )

Google+ photo

You are commenting using your Google+ account. Log Out / Change )

Connecting to %s

%d bloggers like this: