Skip to content

MANCHHAR LAKE SINDH

August 29, 2012

Daily Sindh

Hyderabad

سومر, 20 آگسٽ 2012 00:00

منڇر ڍنڍ جي گدلاڻ ۽ هزارين ماڻهن جون داءُ تي لڳل زندگيون Featured

  اصغر ملاح

هن مواد کي ووٽ ڏيو

(0 votes)
 
ڇهه هزار سالن کان وجود ۾ آيل منڇر ڍنڍ ايشيا کنڊ جي مٺي پاڻي جي سڀ کان وڏي ڍنڍ منڇر ہر وقت جي سرڪار جي غلط پاليسين سبب تباهه حال بڻجي وئي. منڇر جي پيٽ ۾ رهندڙ 60  هزار انساني جانيون صحت، تعليم ۽ ٻين بنيادي سهولتن کان محروم. رهواسي زهريلو پاڻي واپرائڻ تي مجبور، انيڪ مسئلن ۽ بيمارين جي ور چڙهي ويا. منڇر ڍنڍ جي پکيڙ وڌ مان وڌ 64800 ايڪڙ ۽ گھٽ مان گھٽ 19200 آهي..

 RBOD ڊرين ذريعي سم جو زهريلو پاڻي ڇنڊڻ ذريعي ڇوڙ ڪري ڇڏيو آهي جنهن سبب ڍنڍ ته تباهه ٿي وئي آهي پر رهندڙ سوين مهاڻا مختلف وبائي بيمارين وٺجي ويا آهن زهريلي پاڻي ڇڏڻ سبب خراب پاڻي ٿي ويو آهي. جنهن سبب ناياب نسل جون مڇيون، گاهه، پکي تباهه ٿي ختم ٿي ويا. سائبيريا کان ايندڙ مهمان پکي به منهن موڙي ويا. 1962 ۾ هن ڍنڍ ۾ مڇين جا 400 قسم هئا. 1963  رهجي وئي. 1942،1956،1976،1995 ، 2007 ۽ 2010 جي برساتن ۽ ٻوڏن سبب هن ڍنڍ کي وڏو نقصان پهتو ۽ هن منڇر ڍنڍ جون حدون ئي تبديل ٿي ويون. 1950 ۾ منڇر ڍنڍ مان مڇي جو 3 هزار ميٽرڪ ٽن شڪار ٿيندو هئو، جيڪو هاڻي ختم ٿي ويو آهي. منڇر ڍنڍ جي مڇي پوري پاڪستان سميت دنيا جي ٻين ملڪن تائين پهچائي ويندي هئي. منڇر ڍنڍ اندر ڪيميائي جزن جو وافر مقدار ۾ هجڻ ۽ ملاحن طرفان سنها ڄار مڇي جي وڌندڙ نسلن کي روڪي ڇڏيو آهي. 1980 ۽ ماحوليات جي ماهرن ميسرز هنٽنگ ٽيڪنيڪل سروسز، آئن ميڪڊ ورلڊ اينڊ ايسوسيئيشن ڍنڍ اندر کاري پاڻي جي داخلا جي سخت مخالفت ڪئي. انوائرمينٽ امپيڪٽ اسٽڊي ۽ اسڪوپ  زهريلي پاڻي کي منڇر ۾ ڇوڙ ڪرائڻ سان حياتيات لاءِ ناموزون قرار ڏنو. 1989 ۾ ڍنڍ جي پاڻي جي لوڻياٺ جو مقدار 2330 ppm  هئو جيڪو هاڻ 9000 ppm کان به ڪراس ڪندو پيو وڃي. سوسائٽي فار دي ڪنزرويشن اينڊ پروٽيڪشن آف انوائرمينٽ اسڪوپ خبردار ڪيو ته ڍنڍ جو پاڻي زرعي زمين لاءِ زهر قاتل آهي. زهريلي پاڻي سبب منڇر جي چوڌاري هزارين ايڪڙ آباد زمينون سم ۽ ڪلر جي ور چڙهي ويون. ڇهه هزار سالن کان وجود ۾ آيل ايشيا جي وڏي ڍنڍ  منڇر جو وجود  هر وقت جي سرڪار جي بي ڌياني لاپرواهي سبب خطري هيٺ آهي جنهن کي ڌيان ڏيڻ جي سخت ضرورت آهي. ڪنهن دور ۾ منڇر ڍنڍ سنڌو درياءَ جي پيٽ ۾ هئي. درياءُ منڇر جي الهندي ٽڪرين سان گسندو لڪي وٽان اوڀر، ڏکڻ رخ ۾ ڪاهيندو وڃي ريگستان جي وٽ کڻندو هئو. هن علائقي ۾ آمري ۽ موهن جي دڙي جون تهذيبون ۽ ثقافتون به موجود آهن. هي ڍنڍ ٽي ڀيرا خشڪ ٿي چڪي آهي. 1962 ۾ ايتري ته خشڪ ٿي جو مهاڻن پيئڻ جي پاڻي لا ءِ  منڇر جي پيٽ ۾ کوهيون کوٽرايون هيون. 1970 کان 1972  وارو عرصو به منڇر سڪل رهي چڪي آهي ان وقت شاهه حسڻ کان بوبڪ تائين ماڻهو پنڌ ويندا هئا. 1985 /86 ۾ ٽيون ڀيرو هي ڍنڍ خشڪ ٿي جو منڇر جي پيٽ مان بس ڌوڙ اڏائيندي شاهه حسڻ کان بوبڪ ايندي هئي. ماحولياتي تبديلي ڪري2010  1942،1956،1976،1995،2007 ۾ آيل ٻوڏن منڇر جي خوبصورتي کي وڏو ڌڪ رسايو ۽ هن جون حدون پڻ ختم ٿي ويون. برساتن جي ته پوڻ ۽ مٺي پاي جي کوٽ، مين RBOD ڊرين جي ذريعي سم ۽ ڪلر جو زهريلو پاڻي منڇر ۾ ڇوڙ ڪرائڻ به منڇر ڍنڍ جي تباهي جو ڪارڻ آهي. سنڌ ۾ بئراج سسٽم ٺهڻ سان گڏ سنڌو درياءَ مان ڇنڊڻ ٺاهي وئي جيڪا درياءَ جي گھڻي چاڙهه سبب درياءَ جو مٺو پاڻي منڇر ۾ ڇڏيو وڃي. منڇر ڍنڍ جي آس پاس ۾ رهندڙ 60  هزار کان وڌيڪ آبادي صحت، تعليم، نياڻين جي تعليم کان محروم آهن۔ منڇر جو ته زهريلو پاڻي آهي مگر هتان جي رهواسين کي پيئڻ جو پاڻي به ستن ڪلوميٽرن کان آڻڻو پوي ٿو.  منڇر ڍنڍ کي قدرتي آيل آفتن ٻوڏ برساتن جي تيز وهڪرن سبب وڏو ڌڪ رسيو جن ۾ 1942 ،1956، 1976، 1995 2010 ۾ آيل ٻوڏن منڇر ڍنڍ جو وايو منڊل ئي تبديل ڪري ڇڏيو. 1995 2010 ۾ تيرڀت کان ايندڙ تيز وهڪرن جو پاڻي جيڪو انسانن جا لاش، اناج ۽ قبرن اندر مدفون لاش ۽ مئل ڍور منڇر ۾ پيا. منڇر ڍنڍ ۾ زهريلي پاڻي ڇوڙ ڪرائڻ کان اڳ هن ڍنڍ ۾ مڇين جا چار سو قسم هئا. هينئر موجوده صورتحال ۾ 50 کان 60 جنسون مڇي جون هن ڍنڍ ۾ آهن. منڇر ۾ سائيبيريا کان ايندڙ پکين سميت پکين جا هڪ سو کان وڌيڪ قسم هئا. هن ڍنڍ جي مڇي ۾ ڪرڙو، لهر، پوپرو، موراکو، سريو، گائيزو، سڻي، ڄرڪو، شاڪر، سنگاري، کڳو، گندڻ، رڙو، لهڙ، گوج، فوجي رڙو، ورو، ديو، لوسڻي، ڇيلري، ٿيلهي، منڍو، گپ گلو،وهنج، ڏاهي، اوٽي، ٻٽي، ڏنڀرو، موراکو، مرا، چٽو، کان علاوه ڪيتريون ئي جنسون موجود هيون. جڏهن ته گاهن ۾ سينوري، پن، ڏير، ڪل، ڀرڻو، کاراهو، پٿوگو، پٻڻ، کوئي، ڪم، گربڻ ۽ ٻيا ڪيترائي گاهه موجود هئا ۽ مڇي جي واڌ ويجهه لاءِ فائديمند هئا. جيڪي زهريلي پاڻي سبب مڪمل تباهه ٿي چڪا آهن. جڏهن ته پکين ۾ نيرڳي، ٿوراندو، ٻوئر، لنگھو، ڊگھوش، هنج، ڪرڙو، براڻو، رونجھاڻو، توهر، آڙي، کيڻائي، ٽيڻي، ٽنگلو، ڪهنگ، گاجرو، ڦولارو، بدڪ، پيڻ، ڄانجي، لاکو، ڪونج، سائين، رت ٻوهو، ڪائنرو، ٻگھ، گنوائي، مٽلو، کٽياڻ ، ڪينو، ڍڍهه ڪينو، پهوڙي شامل هئا. جيڪي زهريلي پاڻي ۽ گاهه جي نه هئڻ سبب اهي پکيئڙا به پنهنجو منهن به هن قديمي ڍنڍ منڇر کان موڙي ويا. هڪ طرف توبچين جي بندوقن جي ٺڪائن هنن پرديسين پکين کي منهن موڙڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي. منڇر ڍنڍ جو جڏهن عروج تي هئي ته هن ڍنڍ ۾ مڇي کان علاوه ڪيتريون ئي شيون ملنديون هيون. جيڪي مهاڻا مارڪيٽ ۾ وڪرو ڪري پنهنجن ٻچن جو پيٽ گذران ڪندا هئا ۽ هتان جو هر ماڻهون وڏو خوشحال هوندو هئو. انهن شين ۾ بهه ، لوڙهه ، ڪم، ڪوڻي، ٻوراني جيڪي سنڌ جي ٻين شهرن ڏانهن سوکڙي طور موڪليون وينديون هيون. اهي سڀئي شيون زهريلي پاڻي سبب بلڪل ختم ٿي ويون. منڇر اندر ڪيترائي ڳوٺ ٻيڙين ۽ بتيلن تي آباد آهن. پندرهن هزار ماڻهون منڇر جي هن زهريلي پاڻي اندر ٻيڙين تي رهندڙ آهن. جن ۾ اروڻي ، ڇنڊڻ، مڊي بٺ، دانستر، حاجين جي ڳوٺ کان علاوه ڪيترائي ڳوٺ ٻيڙين تي قائم آهن. منڇر جي عورت پڻ مرد سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي ڪمائڻ جي عادي آهي مهاڻن جون عورتون هميشه  مردن جون  ٻانهن ٻيلي رهيون آهن. منڇر جي عورت رڌڻي کان شڪار تائين هر ڪم ۾ مردن سان مصروف عمل هونديون آهن. هن ڍنڍ جون عورتون ڀلو ڀرت ڀرڻ ، ڪڙهائي تي چولا، ڀليون رليون ٺاهڻ، سلائي جي ڪم جون ماهر هونديون آهن. هنن جي هٿن جو ڪيل هنر سنڌ سميت پوري پاڪستان اندر مشهور آهي. منڇر ڍنڍ جي آس پاس 60 هزار آبادي رهندڙ آهي. جن مان 15000 ملاح پاڻي اندر ٻيڙين تي پنهنجا گھر ۽ ڳوٺ آباد ڪري رهن ٿا. منڇر ڍنڍ اندر ٽي هزارين بتيلا آهن جڏهن ته منڇر جي پيٽ اندر پاڻي ۾ بيٺل ٻيڙين تي 15 ڳوٺ آباد آهن. هر سال 100 کان وڌيڪ نيون ٻيڙيون تيار ٿين ٿيون. ٻيڙين جو ڪاٺ سکر، حيدرآباد ۽ پنجاب جي شهرن مان آندو وڃي ٿو. هڪ بتيلي تي 50000 هزارن کان 80000 هزار خرچ اچي ٿو. ٻيڙيون چلگوزي ۽ ديال جي ڪاٺ مان ٺاهيون وڃن ٿيون. ديال جو ڪاٺ مهانگو ٿيڻ سبب چلگوزي جو  ڪاٺ استعمال اڪثر ڪيو وڃي ٿو. جڏهن ته گھر جي ٻيڙي تي ٽن لکن کان وڌيڪ خرچ لڳي ٿو. مهانگائي وڌڻ سبب ٻيڙين جي ٺهڻ جو تعداد پڻ گھٽ ٿي ويو آهي. منڇر ڍنڍ ۾ RBOD زهريلو پاڻي ڇوڙ ڪرائڻ کان پوءِ مڇي جا نسل ختم ٿي ويا آهن  جنهن سبب هتان مڇي اڻلڀ ٿي وئي پ.پ.پ جي عوامي جمهوري سرڪار کي هن طرف ڌيان ڏيڻ جي سخت ضرورت آهي منڇر ۾ ملاحن جا ٻيڙين تي ٻڌل ڳوٺ جيڪي برادري جي چڱن مڙسن جي نالن تي هوندا آهن ۽ پاڻي جي چاڙهه سبب هي ڳوٺ پنهنجو رخ مٽائيندا رهن ٿا. اهڙن ڳوٺن کي تڙ سڏيندا آهن. ٻين قومن جيان ملاحن جا به پاڙا هوندا آهن. منڇر اندر رهندڙ ملاحن جي پاڙن ۾ جئنداڻي، لونگاڻي، عمراڻي، کڳائي، عيد راڻي، شيخ، ماڪوڙاڻي، جمناڻي، پاڙيڙهي، ٽوپياڻي، بلواڻي ، گوڙيه، گھتوئڙا، ميراڻي، بدراڻي، کونجاڻي، بٺڙا، گھرياڻي شامل آهن. سنڌو درياءَ جڏهن موجن ۾ هئو تڏهن اڙل واهه ۽ دانستر واهه ذريعي منڇر ۾ مٺو پاڻي جمع ڪيو ويندو هئو. جڏهن ته برساتن جي موسم ۾ نئين ۽ ڍورن ذريعي پڻ منڇر ۾ مٺي پاڻي جو ذخيرو ڪيو ويندو هئو. جيڪي نيون منڇر ۾ ڇوڙ ڪنديون هيون تن ۾ نئين گاج ، نئين نئنگ، نئين ڪارو، نئين لوڻي، نئين مهڻ ، نئين ڪارو جبل منڇر ۾ وهي  اينديون آهن جڏهن ته موسمياتي تبديلين ،مسلسل برساتن جي نه وسڻ ۽ درياءَ دادلي جي ماٺيڻي ٿي وڃڻ ڪري منڇر ڍنڍ مٺي پاڻي کان اڪثر محروم ٿي ويندي آهي ۽ ڇنڊڻ (ايم اين وي ڊرين) زريعي پنجاب کان ايندڙ زهريلي پاڻي جي ڇوڙ سبب منڇر جي پاڻي ۾ رهندڙ جيوت کي وڏو هاڃو رسيو آهي. منڇر ڍنڍ اندر توڙي آس پاس رهندڙ ملاح ۽ رهواسي مشڪلاتن ۾ گھيريل. سندن چهرن تي خوشي جا نه بلڪ ڏکن جا تاثرات ظاهر آهن. صبح جو  جيڪي مڇي مارڻ کان سواءِ شام جو هٿين خالي واپس وڃن ٿا. کين اٽي وٺڻ جيترا پئسه به ناهن هوندا سروي دوران علڻ ملاح، آچر ملاح، غلام شبير ملاح. نٿار احمد ملاح، مدني ملاح، يامين ملاح ۽ ٻين ٻڌايو ته منڇر اندر ڇوڙ ڪرايل زهريلي پاڻي منڇر جي جيوت کي ته ختم ڪري ڇڏيو آهي. مگر اسان کي به انيڪ بيمارين ۾ وڪوڙي ڇڏيو آهي. جن ۾ خارش، بخار، گڙدن جي بيمارين، سائي جي بيماري ۾ ورتل آهيون. هنن ياد ڏياريو ڪجهه سال اڳ منڇر ڍنڍ جو زهريلو پاڻي سنڌو دراءَ ۾ ڇوڙ ڪيو ويو هو جنهن سبب حيدرآباد ۽ ڄامشوري جا ڪيترائي شهري زهريلو پاڻي پيئڻ سبب موت جو شڪار ٿي ويا هئا. جڏهن ته هتي رهندڙ ملاحن لاءِ حڪومت طرفان بنيادي صحت مرڪز قائم نه آهي. جڏهن ته نياڻين ۽ مهاڻن جي معصوم ٻارڙن  لاءِ اسڪولن جو تعداد نه هئڻ جي برابر آهي.جنهن سبب اسان مسڪينن جا ٻار علم جهڙي زيور کان محروم آهن. هنن چيو ته حڪومت اسان جي مسئلن طرف ڌيان نٿي ڏئي. هنن اپيل ڪئي ته سرڪار ۽ سماجي تنظيمون انسانيت جي ناتي اسان جي مدد ڪئي وڃي. هنن حڪومت کان گھر ڪندي چيو ته 20 سالن کان مسلسل RBOD  جو زهريلو پاڻي منڇر ڍنڍ ۾ ڇوڙ ڪيو ويندو رهيو آهي جيڪو بند ڪرايو وڃي. زهريلي پاڻي سبب منڇر مان مڇي جو نسل تباهه ٿي ويو آهي. هنن مهانگائي خلاف دانهون ڪوڪون ڪندي چيو ته اسان مڇي جي شڪار تي پنهنجي گھر جو گاڏو هلايون ٿا. ڪڏهن شڪار نه ٿيڻ سبب اسان جا معصوم ٻار فاقاڪشي  تي مجبور ٿي وڃن ٿا  هنن مطالبو ڪندي چيو ته منڇر ڍنڍ تي ڪا وسيع پاليسي جوڙي ملاحن لاءِ سهولتون مهيا ڪيون وڃن. هنن پيئڻ جي مٺي پاڻي جي کوٽ جون دانهون ڪندي چيو ته هتي جر جو پاڻي زهريلو هئڻ ڪري اسان کي مٺي پاڻي جي سخت تڪليف آهي. هنن چيو ته اسان مٺو پاڻي ستن ڪلوميٽرن کان پري پنڌ ڪري يا گاڏن وسيلي ڀري ايندا آهيون يا وري منڇر تي مٺي پاڻي وڪري لاءِ دڪان کوليا ويا آهن اتان اسان 20 روپيه في جهري وٺي پيئون ٿا. هڪ طرف مڇي جو نه مرڻ ٻئي طرف مزدوري نه ملڻ ۽ وري پاڻي به پئسن سان وٺي پيئون ٿا. اسان ٻچن جي ماني ڳڀي لاءِ ڪجهه ڪيون يا پاڻي وٺون. زهريلو پاڻي پيئڻ سان ڪيترائي ئي معصوم ٻار عورتون ٻڍا خارش، ڏڍ، ملو،سائي،گردن جي بيماري کان علاوه ڪيترين وبائي  بيمارين ۾ وڪوڙجي ويا آهيون. هنن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته اسان کي مٺو پاڻي مهيا ڪري ڏنو وڃي ۽ اسان کي موذي مرضن مان ڇوٽڪارو ڏياريو وڃي منڇر ڍنڍ مان جڏهن سوين مڻ مڇي جو شڪار ٿيندو هئو ۽ ان سان گڏ انهي ڍنڍ مان بهه ، پٻڻ، ڪوڻي ، لوڙهه ۽ ٻوراني جو ڪاروبار عروج تي هئو ته ان وقت هتان جا ملاح پنهنجين شادين جون تقريبون ڌام ۽ ڌوم سان ملهائيندا هئا. شادين ۾ راڳين کي گھرائي ان مٿان لاکون روپين جي ورکا ڪئي ويندي هئي. ايتري قدر جو سون جا نوٽ بندوق جي نالي ۾ وجھي فائر ڪيا ويندا هئا. هتان جي مهاڻن جون شاديون ڏيهان ڏيهه مشهور آهن . هنن جي شادين جي تقريبن ۾ منڇر جي پيٽ ۾ بتيلن تي اڪثر سنڌ جا مشهور فنڪار مرحوم جلال چانڊئي سميت ٻين نالي وارن فنڪارن کي پڻ گھرايو ويندو هيو. چيو وڃي ٿو جڏهن منڇر جو  عروج هئو ته منڇر جي هر بتيلي تي مرحوم جلال چانڊئي، الهداد زرداري،  ۽ ٻين نالي وارن فنڪارن جا ڪلام هر وقت ٻڌڻ ۾ ايندا هئا. هر بتيلي تي jvc جو ٽيپ رڪارڊ ضرور رکيو ويندو هئو. ملاح ان وقت ايترا خوشحال هيا جو بوسڪي ۽ ريشم جا ڪپڙا اوڍيندا هئا. جڏهن ته ملاحن جي مهمان نوازي پڻ ملڪان ملڪ مشهور هئي ۽ آهي ملاح عورتون مڇي مان مختلف قسمن جون طعام ٺاهينديون هيون. ۽ ٺاهينديون آهن خاص ڪري هتان جي عورتن جي هٿن جو ٺهيل مڇي جو پلاءُ مشهور آهي. منڇر ڍنڍ جي زهريلي پاڻي تي تعلقي سيوهڻ جون ڇهه ديهون جن ۾ بوبڪ، ٽلٽي، چنه، جھانگارا، دل، سيوهڻ جو ڪجه حصو، جڏهن ته تعلقي جوهي جون ٻه ديهون ڇني ۽ ساوڙو جا آبادگار پنهنجون زمينون منڇر جي پاڻي تي آباد ڪندا هئا جڏهن ته زهريلي پاڻي ٿيڻ کان پوءِ هي زمينون مڪمل تباهه ٿي چڪيون آهن، ۽ آبادي جي لائق به نه رهيون آهن.  هنن ديهن جي لڳ ڀڳ ٻه لک ايڪڙ زرعي زمين منڇر جي  پاڻي تي آبادي ڪري پنهنجو گذر سفر ڪندا هئا، جيڪي هينئر پريشان آهن. هتي ڪپهه ، ڪڻڪ، ساريون، سايون ڀاڄيون ۽ ٻيا  فصل وڏي مقدار ۾ پوکيا ويندا هئا. پاڻي جي زهريلي ٿيڻ کان پوء ِاهي زمينون ڪلر جي ور چڙهي غير آباد بڻجي ويون. هتان جا اهي آبادگار جيڪي فصل ڪري پنهنجا معاشي مسئلا حل ڪندا هئا اهي هينئر بيسهارا بڻجي ويا آهن. ٻئي پاسي جڏهن ته منڇر ڍنڍ اندر تعلقي سيوهڻ جون 8 ديهون پاڻي هيٺ پڻ آهن. جن ۾ آباد، مهيجي، ڳهير، فاضلاڻي، يعقوباڻي، جهيجا، ٻلهڻ، کبڙوٽ شامل آهن. 1965ع ۾ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل دادو ڪجهه رٿائون منظور ڪيون جيڪي حڪومت سنڌ 44 سال گذرڻ باوجود انهن رٿائن تي ڪم نه ٿي سگهيو، جن ۾ ڇني، شاهه حسن، بوبڪ، روڊن جي نئين سر تعمير شاهه حسن وٽ جهازن لهڻ جي سهولت ڏيڻ ۽ ننڍي هوائي اڏي جو قائم ڪرڻ ، ڏهن ڪمرن تي مشتمل هوٽل ٺاهڻ ، ڍنڍ جي چوڌاري وڻڪاري ڪرڻ شاهه حسن تي هڪ سئنيما گھر قائم ڪرڻ، سياحن جي سهولت لاءِ رهائش ، يوٿ هاسٽل اڏائڻ، ڍنڍ مان غير ضروري گند گاهه ڪڍي ڍنڍ کي صاف ڪرائڻ، برف جو ڪارخانو لڳائڻ ۽ ڪولڊ اسٽوريج پلانٽ قائم ڪرڻ شامل هئا. مگر گھڻي وقت کان پوءِ منڇر ڍنڍ ڀرسان ايئرپورٽ جو قيام عمل ۾ اچي سگھيو پر اڄ ڏينهن تائين ٻئي ڪنهن به رٿا عمل نه ٿي سگھيو. ايشيا کنڊ جي وڏي ڍنڍ منڇر کي سڪائڻ ، سنڌ کي تباهه ڪرڻ جي هڪ سازش آهي دادو ضلعي کي مختلف دور حڪومت ۾ ٻه وڏ وزارتون مليون مگر هنن منڇر ڍنڍ لاءِ ڪجهه به نه ڪري سگھيا. منڇر واسي مٺي پاڻي جي پيئڻ کان به محروم ڇو آهن، منڇر کي تباهه ڪرڻ ۾ ڪامورن جو وڏو ڪردار آهي، منڇر سڪرات ۾ آهي ۽ اسان پوءِ به چپ ڇو آهيون بيوسي ختم ٿيڻ کپي. اڄ منڇر سڪرات ۾ آهي ۽ منڇر ڍنڍ کي  رهواسين جا مسئلا حل ٿيڻ کپن ۽ 1965ع ۾ منظور ڪيل رٿائن کي پورو ڪيو وڃي. هنن چيو ته منڇر جي اوج کي ٻيهر بحال ڪيو وڃي ۽ قدرتي خوبصورتي کي زهريلي پاڻي کان بچايو عوامي حڪومت ۾ به هتان جا مهاڻا مٺي پاڻي کان محروم آخر  ڇو آهن.اهو سوال چونڊيل نمائندن ۽ سرڪار کان آهي منڇر ڀرسان 1994 کان ملٽي نيشنل ڪمپني تيل ۽ گئس  ENI  ڪمپني  کوهن مان تيل ۽ گئس جو وڏو مقدار ڪڍيو ويو آهي. جڏهن ته علائقي واسين لاءِ ڪوبه ڪم نه ٿي سگھيو هن تيل ڪمپني مان علائقي جي ڪابه مدد نٿي ڪئي وڃي. هن علائقي جي ماڻهن کي روزگار تائين نٿو ڏنو وڃي. جيڪو سندن بنيادي حق آهي ۽ کين ملڻ گهرجي پر افسوس ڪجھ نام نهاد اين جي اوز جي معرفت هي ڪمپني ڪم ڪري رهي آهي مگر اها تيل ڪمپني مٺي پاڻي پهچائڻ لاءِ ڪوشش ڪري سگهي ٿي ۽ هتان جي مهاڻن ۽ مقامي ماڻهن کي روزگار ۾ سندن جائز حصو ڏئي ته هتان جا مهاڻا ۽ رهندڙ ٻيون قومون خوشحال ٿي پنهنجا معاشي مسئلا پاڻ حل ڪري سگھن ٿيون. تيل ڪمپني خارج ٿيل زهريلو مادو منڇر ڀرسان گڏ ڪري رهي آهي جنهن مان مقامي آبادي لاءِ خطرو آهي ته بارشن جي موسم ۾ تيز بارش ۽ وهندڙ نئين جي تيز وهڪرن سان گڏ هي زهريلو مادو منڇر ۾ داخل ٿيڻ جو خطرو هر وقت موجود آهي. جيڪو انساني جانين لاءِ تمام گهڻو خطرناڪ آهي انهي جي روڪٿام لاءِ سنڌ سرڪار کي جوڳا اپاءَ وٺڻ جي سخت ضرورت آهي.

 ڪجهه سال اڳ سنڌ جي وزير اعليٰ سنڌ سيد قائم علي شاهه منڇر اچي ملاحن ۾ مفت 200 ٻيڙيون ورهايون ويون انهي مان به اهو پتو پيو آهي ته انهي ۾ به ڪافي ملاحن سان ويساهه گهاتي ڪئي وئي آهي . منڇر جي ملاحن کان علاوه غير واسطيدار ماڻهن کي به ٻيڙيون ڏنيون ويون جن جو منڇر سان ڪوبه تعلق نه هو ۽ اهي ماڻهو من پسند هئا. جن ساڳيون ٻيڙيون هتان جي ملاحن کي پئسن عيوض وڪرو ڪيون ويون. منڇر ڍنڍ جي تباهي ۾ ايم اين وي ڊرين ۽ سنهي ڄار جو استعمال به آهي ملاحن طرفان سنهي ڄار سبب هتان جي سنهي مڇي، ٻج ڪڍيو وڃي ٿو. ۽ واپارين جي زور ڀرڻ تي منڇر ۾ سنهو ڄار هڻي مڇي جي نسل ڪشي ڪئي وڃي ٿي. هنن جو چوڻ آهي سنهي ڄار هنن تي پائبندي هنئي وڃي ۽ منڇر مان مڇي جي نسل ڪشي روڪيو وڃي. هتان جي مهاڻن صدر پاڪستان وزير اعظم پاڪستان چيف جسٽس پاڪستان وزير اعلى سنڌ ۽ چونڊيل نمائندن کان گهر ڪئي ته قدرتي پاڻي جي ذخيري منڇر ڍنڍ کي محفوظ ڪري منڇر ڍنڍ جو فطري حسن بحال ڪيو وڃي ته جيئن سياحت ۽ روزگار جا وسيح وسيلا پيد ٿي سگهن ۽ فوري طور منڇر ڍنڍ  ۾ ناياب نسل جي مڇين جو ٻج وجھي ، زهريلي پاڻي کي بنا دير روڪيو وڃي. ڪيون اميد تدارڪ ٿيندو يا نه؟

پڙهيو ويو 8 ڀيرا

ڪيٽيگري مضمون
 
ارشاد گلاباڻي تي خاص ايڊيشن

حيدرآباد
 
موسم جو حال

Warning: simplexml_load_string() [function.simplexml-load-string]: Entity: line 1: parser error : AttValue: ” or ‘ expected in/home/sindhhyd/public_html/modules/mod_kksouGoogleWeather/mod_kksouGoogleWeather_libclass.phpon line 26

Warning: simplexml_load_string() [function.simplexml-load-string]: lor: #fff; color: #000; }</style></head><body><div><table><tr><td><b><font face= in/home/sindhhyd/public_html/modules/mod_kksouGoogleWeather/mod_kksouGoogleWeather_libclass.phpon line 26

Warning: simplexml_load_string() [function.simplexml-load-string]: ^ in/home/sindhhyd/public_html/modules/mod_kksouGoogleWeather/mod_kksouGoogleWeather_libclass.phpon line 26

Warning: simplexml_load_string() [function.simplexml-load-string]: Entity: line 1: parser error : attributes construct error in/home/sindhhyd/public_html/modules/mod_kksouGoogleWeather/mod_kksouGoogleWeather_libclass.phpon line 26

Warning: simplexml_load_string() [function.simplexml-load-string]: Entity: line 1: parser error : Couldn’t find end of Start Tag font line 1 in/home/sindhhyd/public_html/modules/mod_kksouGoogleWeather/mod_kksouGoogleWeather_libclass.phpon line 26

Warning: simplexml_load_string() [function.simplexml-load-string]: Entity: line 1: parser error : Opening and ending tag mismatch: b line 1 and font in/home/sindhhyd/public_html/modules/mod_kksouGoogleWeather/mod_kksouGoogleWeather_libclass.phpon line 26

Warning: simplexml_load_string() [function.simplexml-load-string]: ead><body><div><table><tr><td><b><font face=times color=#0039b6 size=10>G</font> in/home/sindhhyd/public_html/modules/mod_kksouGoogleWeather/mod_kksouGoogleWeather_libclass.phpon line 26

Warning: simplexml_load_string() [function.simplexml-load-string]: ^ in/home/sindhhyd/public_html/modules/mod_kksouGoogleWeather/mod_kksouGoogleWeather_libclass.phpon line 26

Warning: simplexml_load_string() [function.simplexml-load-string]: Entity: line 1: parser error : AttValue: ” or ‘ expected in/home/sindhhyd/public_html/modules/mod_kksouGoogleWeather/mod_kksouGoogleWeather_libclass.phpon line 26

Warning: simplexml_load_string() [function.simplexml-load-string]: div><table><tr><td><b><font face=times color=#0039b6 size=10>G</font><font face= in/home/sindhhyd/public_html/modules/mod_kksouGoogleWeather/mod_kksouGoogleWeather_libclass.phpon line 26

Warning: simplexml_load_string() [function.simplexml-load-string]: ^ in/home/sindhhyd/public_html/modules/mod_kksouGoogleWeather/mod_kksouGoogleWeather_libclass.phpon line 26

Warning: simplexml_load_string() [function.simplexml-load-string]: Entity: line 1: parser error : attributes construct error in/home/sindhhyd/public_html/modules/mod_kksouGoogleWeather/mod_kksouGoogleWeather_libclass.phpon line 26

Warning: simplexml_load_string() [function.simplexml-load-string]: div><table><tr><td><b><font face=times color=#0039b6 size=10>G</font><font face= in/home/sindhhyd/public_html/modules/mod_kksouGoogleWeather/mod_kksouGoogleWeather_libclass.phpon line 26

Warning: simplexml_load_string() [function.simplexml-load-string]: ^ in/home/sindhhyd/public_html/modules/mod_kksouGoogleWeather/mod_kksouGoogleWeather_libclass.phpon line 26

Warning: simplexml_load_string() [function.simplexml-load-string]: Entity: line 1: parser error : Couldn’t find end of Start Tag font line 1 in/home/sindhhyd/public_html/modules/mod_kksouGoogleWeather/mod_kksouGoogleWeather_libclass.phpon line 26

Warning: simplexml_load_string() [function.simplexml-load-string]: div><table><tr><td><b><font face=times color=#0039b6 size=10>G</font><font face= in/home/sindhhyd/public_html/modules/mod_kksouGoogleWeather/mod_kksouGoogleWeather_libclass.phpon line 26

Warning: simplexml_load_string() [function.simplexml-load-string]: ^ in/home/sindhhyd/public_html/modules/mod_kksouGoogleWeather/mod_kksouGoogleWeather_libclass.phpon line 26

Warning: simplexml_load_string() [function.simplexml-load-string]: Entity: line 1: parser error : Opening and ending tag mismatch: td line 1 and font in/home/sindhhyd/public_html/modules/mod_kksouGoogleWeather/mod_kksouGoogleWeather_libclass.phpon line 26

Warning: simplexml_load_string() [function.simplexml-load-string]: es color=#0039b6 size=10>G</font><font face=times color=#c41200 size=10>o</font> in/home/sindhhyd/public_html/modules/mod_kksouGoogleWeather/mod_kksouGoogleWeather_libclass.phpon line 26

Warning: simplexml_load_string() [function.simplexml-load-string]: ^ in/home/sindhhyd/public_html/modules/mod_kksouGoogleWeather/mod_kksouGoogleWeather_libclass.phpon line 26

Warning: simplexml_load_string() [function.simplexml-load-string]: Entity: line 1: parser error : AttValue: ” or ‘ expected in/home/sindhhyd/public_html/modules/mod_kksouGoogleWeather/mod_kksouGoogleWeather_libclass.phpon line 26

Warning: simplexml_load_string() [function.simplexml-load-string]: 039b6 size=10>G</font><font face=times color=#c41200 size=10>o</font><font face= in/home/sindhhyd/public_html/modules/mod_kksouGoogleWeather/mod_kksouGoogleWeather_libclass.phpon line 26

Warning: simplexml_load_string() [function.simplexml-load-string]: ^ in/home/sindhhyd/public_html/modules/mod_kksouGoogleWeather/mod_kksouGoogleWeather_libclass.phpon line 26

Warning: simplexml_load_string() [function.simplexml-load-string]: Entity: line 1: parser error : attributes construct error in/home/sindhhyd/public_html/modules/mod_kksouGoogleWeather/mod_kksouGoogleWeather_libclass.phpon line 26

Warning: simplexml_load_string() [function.simplexml-load-string]: 039b6 size=10>G</font><font face=times color=#c41200 size=10>o</font><font face= in/home/sindhhyd/public_html/modules/mod_kksouGoogleWeather/mod_kksouGoogleWeather_libclass.phpon line 26

Warning: simplexml_load_string() [function.simplexml-load-string]: ^ in/home/sindhhyd/public_html/modules/mod_kksouGoogleWeather/mod_kksouGoogleWeather_libclass.phpon line 26

Warning: simplexml_load_string() [function.simplexml-load-string]: Entity: line 1: parser error : Couldn’t find end of Start Tag font line 1 in/home/sindhhyd/public_html/modules/mod_kksouGoogleWeather/mod_kksouGoogleWeather_libclass.phpon line 26

Warning: simplexml_load_string() [function.simplexml-load-string]: 039b6 size=10>G</font><font face=times color=#c41200 size=10>o</font><font face= in/home/sindhhyd/public_html/modules/mod_kksouGoogleWeather/mod_kksouGoogleWeather_libclass.phpon line 26

Warning: simplexml_load_string() [function.simplexml-load-string]: ^ in/home/sindhhyd/public_html/modules/mod_kksouGoogleWeather/mod_kksouGoogleWeather_libclass.phpon line 26

Warning: simplexml_load_string() [function.simplexml-load-string]: Entity: line 1: parser error : Opening and ending tag mismatch: tr line 1 and font in/home/sindhhyd/public_html/modules/mod_kksouGoogleWeather/mod_kksouGoogleWeather_libclass.phpon line 26

Warning: simplexml_load_string() [function.simplexml-load-string]: es color=#c41200 size=10>o</font><font face=times color=#f3c518 size=10>o</font> in/home/sindhhyd/public_html/modules/mod_kksouGoogleWeather/mod_kksouGoogleWeather_libclass.phpon line 26

Warning: simplexml_load_string() [function.simplexml-load-string]: ^ in/home/sindhhyd/public_html/modules/mod_kksouGoogleWeather/mod_kksouGoogleWeather_libclass.phpon line 26

Warning: simplexml_load_string() [function.simplexml-load-string]: Entity: line 1: parser error : AttValue: ” or ‘ expected in/home/sindhhyd/public_html/modules/mod_kksouGoogleWeather/mod_kksouGoogleWeather_libclass.phpon line 26

Warning: simplexml_load_string() [function.simplexml-load-string]: 41200 size=10>o</font><font face=times color=#f3c518 size=10>o</font><font face= in/home/sindhhyd/public_html/modules/mod_kksouGoogleWeather/mod_kksouGoogleWeather_libclass.phpon line 26

Warning: simplexml_load_string() [function.simplexml-load-string]: ^ in/home/sindhhyd/public_html/modules/mod_kksouGoogleWeather/mod_kksouGoogleWeather_libclass.phpon line 26

Warning: simplexml_load_string() [function.simplexml-load-string]: Entity: line 1: parser error : attributes construct error in/home/sindhhyd/public_html/modules/mod_kksouGoogleWeather/mod_kksouGoogleWeather_libclass.phpon line 26

Warning: simplexml_load_string() [function.simplexml-load-string]: 41200 size=10>o</font><font face=times color=#f3c518 size=10>o</font><font face= in/home/sindhhyd/public_html/modules/mod_kksouGoogleWeather/mod_kksouGoogleWeather_libclass.phpon line 26

Warning: simplexml_load_string() [function.simplexml-load-string]: ^ in/home/sindhhyd/public_html/modules/mod_kksouGoogleWeather/mod_kksouGoogleWeather_libclass.phpon line 26

Warning: simplexml_load_string() [function.simplexml-load-string]: Entity: line 1: parser error : Couldn’t find end of Start Tag font line 1 in/home/sindhhyd/public_html/modules/mod_kksouGoogleWeather/mod_kksouGoogleWeather_libclass.phpon line 26

Warning: simplexml_load_string() [function.simplexml-load-string]: 41200 size=10>o</font><font face=times color=#f3c518 size=10>o</font><font face= in/home/sindhhyd/public_html/modules/mod_kksouGoogleWeather/mod_kksouGoogleWeather_libclass.phpon line 26

Warning: simplexml_load_string() [function.simplexml-load-string]: ^ in/home/sindhhyd/public_html/modules/mod_kksouGoogleWeather/mod_kksouGoogleWeather_libclass.phpon line 26

Warning: simplexml_load_string() [function.simplexml-load-string]: Entity: line 1: parser error : Opening and ending tag mismatch: table line 1 and font in/home/sindhhyd/public_html/modules/mod_kksouGoogleWeather/mod_kksouGoogleWeather_libclass.phpon line 26

Warning: simplexml_load_string() [function.simplexml-load-string]: es color=#f3c518 size=10>o</font><font face=times color=#0039b6 size=10>g</font> in/home/sindhhyd/public_html/modules/mod_kksouGoogleWeather/mod_kksouGoogleWeather_libclass.phpon line 26

Warning: simplexml_load_string() [function.simplexml-load-string]: ^ in/home/sindhhyd/public_html/modules/mod_kksouGoogleWeather/mod_kksouGoogleWeather_libclass.phpon line 26

Warning: simplexml_load_string() [function.simplexml-load-string]: Entity: line 1: parser error : AttValue: ” or ‘ expected in/home/sindhhyd/public_html/modules/mod_kksouGoogleWeather/mod_kksouGoogleWeather_libclass.phpon line 26

Warning: simplexml_load_string() [function.simplexml-load-string]: 3c518 size=10>o</font><font face=times color=#0039b6 size=10>g</font><font face= in/home/sindhhyd/public_html/modules/mod_kksouGoogleWeather/mod_kksouGoogleWeather_libclass.phpon line 26

Warning: simplexml_load_string() [function.simplexml-load-string]: ^ in/home/sindhhyd/public_html/modules/mod_kksouGoogleWeather/mod_kksouGoogleWeather_libclass.phpon line 26

Warning: simplexml_load_string() [function.simplexml-load-string]: Entity: line 1: parser error : attributes construct error in/home/sindhhyd/public_html/modules/mod_kksouGoogleWeather/mod_kksouGoogleWeather_libclass.phpon line 26

Warning: simplexml_load_string() [function.simplexml-load-string]: 3c518 size=10>o</font><font face=times color=#0039b6 size=10>g</font><font face= in/home/sindhhyd/public_html/modules/mod_kksouGoogleWeather/mod_kksouGoogleWeather_libclass.phpon line 26

Warning: simplexml_load_string() [function.simplexml-load-string]: ^ in/home/sindhhyd/public_html/modules/mod_kksouGoogleWeather/mod_kksouGoogleWeather_libclass.phpon line 26

Warning: simplexml_load_string() [function.simplexml-load-string]: Entity: line 1: parser error : Couldn’t find end of Start Tag font line 1 in/home/sindhhyd/public_html/modules/mod_kksouGoogleWeather/mod_kksouGoogleWeather_libclass.phpon line 26

Warning: simplexml_load_string() [function.simplexml-load-string]: 3c518 size=10>o</font><font face=times color=#0039b6 size=10>g</font><font face= in/home/sindhhyd/public_html/modules/mod_kksouGoogleWeather/mod_kksouGoogleWeather_libclass.phpon line 26

Warning: simplexml_load_string() [function.simplexml-load-string]: ^ in/home/sindhhyd/public_html/modules/mod_kksouGoogleWeather/mod_kksouGoogleWeather_libclass.phpon line 26

Warning: simplexml_load_string() [function.simplexml-load-string]: Entity: line 1: parser error : Opening and ending tag mismatch: div line 1 and font in/home/sindhhyd/public_html/modules/mod_kksouGoogleWeather/mod_kksouGoogleWeather_libclass.phpon line 26

Warning: simplexml_load_string() [function.simplexml-load-string]: es color=#0039b6 size=10>g</font><font face=times color=#30a72f size=10>l</font> in/home/sindhhyd/public_html/modules/mod_kksouGoogleWeather/mod_kksouGoogleWeather_libclass.phpon line 26

Warning: simplexml_load_string() [function.simplexml-load-string]: ^ in/home/sindhhyd/public_html/modules/mod_kksouGoogleWeather/mod_kksouGoogleWeather_libclass.phpon line 26

Warning: simplexml_load_string() [function.simplexml-load-string]: Entity: line 1: parser error : AttValue: ” or ‘ expected in/home/sindhhyd/public_html/modules/mod_kksouGoogleWeather/mod_kksouGoogleWeather_libclass.phpon line 26

Warning: simplexml_load_string() [function.simplexml-load-string]: 039b6 size=10>g</font><font face=times color=#30a72f size=10>l</font><font face= in/home/sindhhyd/public_html/modules/mod_kksouGoogleWeather/mod_kksouGoogleWeather_libclass.phpon line 26

Warning: simplexml_load_string() [function.simplexml-load-string]: ^ in/home/sindhhyd/public_html/modules/mod_kksouGoogleWeather/mod_kksouGoogleWeather_libclass.phpon line 26

Warning: simplexml_load_string() [function.simplexml-load-string]: Entity: line 1: parser error : attributes construct error in/home/sindhhyd/public_html/modules/mod_kksouGoogleWeather/mod_kksouGoogleWeather_libclass.phpon line 26

Warning: simplexml_load_string() [function.simplexml-load-string]: 039b6 size=10>g</font><font face=times color=#30a72f size=10>l</font><font face= in/home/sindhhyd/public_html/modules/mod_kksouGoogleWeather/mod_kksouGoogleWeather_libclass.phpon line 26

Warning: simplexml_load_string() [function.simplexml-load-string]: ^ in/home/sindhhyd/public_html/modules/mod_kksouGoogleWeather/mod_kksouGoogleWeather_libclass.phpon line 26

Warning: simplexml_load_string() [function.simplexml-load-string]: Entity: line 1: parser error : Couldn’t find end of Start Tag font line 1 in/home/sindhhyd/public_html/modules/mod_kksouGoogleWeather/mod_kksouGoogleWeather_libclass.phpon line 26

Warning: simplexml_load_string() [function.simplexml-load-string]: 039b6 size=10>g</font><font face=times color=#30a72f size=10>l</font><font face= in/home/sindhhyd/public_html/modules/mod_kksouGoogleWeather/mod_kksouGoogleWeather_libclass.phpon line 26

Warning: simplexml_load_string() [function.simplexml-load-string]: ^ in/home/sindhhyd/public_html/modules/mod_kksouGoogleWeather/mod_kksouGoogleWeather_libclass.phpon line 26

Warning: simplexml_load_string() [function.simplexml-load-string]: Entity: line 1: parser error : Opening and ending tag mismatch: body line 1 and font in/home/sindhhyd/public_html/modules/mod_kksouGoogleWeather/mod_kksouGoogleWeather_libclass.phpon line 26

Warning: simplexml_load_string() [function.simplexml-load-string]: es color=#30a72f size=10>l</font><font face=times color=#c41200 size=10>e</font> in/home/sindhhyd/public_html/modules/mod_kksouGoogleWeather/mod_kksouGoogleWeather_libclass.phpon line 26

Warning: simplexml_load_string() [function.simplexml-load-string]: ^ in/home/sindhhyd/public_html/modules/mod_kksouGoogleWeather/mod_kksouGoogleWeather_libclass.phpon line 26

Warning: simplexml_load_string() [function.simplexml-load-string]: Entity: line 1: parser error : Opening and ending tag mismatch: html line 1 and b in/home/sindhhyd/public_html/modules/mod_kksouGoogleWeather/mod_kksouGoogleWeather_libclass.phpon line 26

Warning: simplexml_load_string() [function.simplexml-load-string]: olor=#30a72f size=10>l</font><font face=times color=#c41200 size=10>e</font></b> in/home/sindhhyd/public_html/modules/mod_kksouGoogleWeather/mod_kksouGoogleWeather_libclass.phpon line 26

Warning: simplexml_load_string() [function.simplexml-load-string]: ^ in/home/sindhhyd/public_html/modules/mod_kksouGoogleWeather/mod_kksouGoogleWeather_libclass.phpon line 26

Warning: simplexml_load_string() [function.simplexml-load-string]: Entity: line 1: parser error : Extra content at the end of the document in/home/sindhhyd/public_html/modules/mod_kksouGoogleWeather/mod_kksouGoogleWeather_libclass.phpon line 26

Warning: simplexml_load_string() [function.simplexml-load-string]: olor=#30a72f size=10>l</font><font face=times color=#c41200 size=10>e</font></b> in/home/sindhhyd/public_html/modules/mod_kksouGoogleWeather/mod_kksouGoogleWeather_libclass.phpon line 26

Warning: simplexml_load_string() [function.simplexml-load-string]: ^ in/home/sindhhyd/public_html/modules/mod_kksouGoogleWeather/mod_kksouGoogleWeather_libclass.phpon line 26

City:  

°C  

   |   
   |   
   |   
   |   
 
چونڊ لکڻيون

گذريل شمارا

« August 2012 »
Mon Tue Wed Thu Fri Sat Sun
    1 2 3 4 5
6 7 8 9 10 11 12
13 14 15 16 17 18 19
20 21 22 23 24 25 26
27 28 29 30 31    
 
Copyright Daily Sindh Hyderabad. All Rights Reserved.
Powered by The Red Studios.
هن وقت 211 وزيٽر اسانجي اخبار آن لائين پڙهي رهيا آهن .
 
From → Uncategorized

Leave a Comment

Leave a Reply

Fill in your details below or click an icon to log in:

WordPress.com Logo

You are commenting using your WordPress.com account. Log Out / Change )

Twitter picture

You are commenting using your Twitter account. Log Out / Change )

Facebook photo

You are commenting using your Facebook account. Log Out / Change )

Google+ photo

You are commenting using your Google+ account. Log Out / Change )

Connecting to %s

%d bloggers like this: