Skip to content

December 2, 2011

ڪو جو قهر ڪلاچ ۾

قاسم علي شاهه

سنڌ سڪاريل هوندي به ڏکويل ماٿري جو ڏيک ڏيئي رهي آهي. ورهاڱي کان وٺي سنڌ جي وحدت قبضي خورن جي اکين ۾ ڪنڊي وانگر لڳي رهي آهي. غير سنڌي ميڊيا ڪثرت سان شهري سنڌ ۽ ديهي سنڌ جا لفظ استعمال ڪري، وڇوٽي وجهي رهي آهي. سنڌ ته صادقن جو ڏيهه آهي، جيڪو آس پاس جي پرڳڻن کي به خوشحال ڪيو بيٺو آهي. سڪاريل سنڌ جي پئداوار جو ڳچ ڀاڳو قبضي خورن ۽ هجرتين کي ملندو رهيو آهي. ڏسڻ ۾ اچي پيو ته هن سڪاريل ڏيهه جي ڏکويل ماٿري جي ماڻهن جا ڏک ۽ اهنج پهرين وانگر ساڳيائي رهيا آهن، جن ۾ گهٽتائي اڃا ڪونه آئي آهي. هڪ هجرت ڪري آيل مقتول وزيراعظم لياقت علي خانَ، هن ديس جي شاندار تهذيب ۽ ثقافت ٿي چٿرون ڪري چيو هو ته هن خطي جي ماڻهن جي ثقافت لاڏائو گڏهن جهڙي آهي، ۽ هڪ ٻئي دهلي جي ٺڳ جنرل پرويز مشرف پاڻ مرادو پاڻ کي صدر سڏائيندڙ ان کان به ٻه قدم اڳتي وڌي چيو هو ته سنڌي جاهل آهن. وقت جي بي رحم ايامن کيس پناهگير بڻائي ڇڏيو ۽ کيس جمهوريت جي ڇٺي هيٺ پناهه ملي. هڪ فوجي سگهه جي سربراهه کي جمهورت مان فائدو ته مليو پر ان ساڳئي جمهوريت مان سنڌ کي ڪو فائدو ڪونه پهتو آهي ۽ بيشڪ جمهوريت بهترين انتقام آهي. پر جمهوريت قائم ڪرڻ ۾ گهڻي ڀاڱي حصيدار سنڌ اڄ ڇو انتقام جو نشانو بڻيل آهي؟. کيس نه پنهنجي حصي جو پاڻي ملي ٿو، نه اين ايف سي ايوارڊ مان پورو حصو ملي ٿو ۽ نه وري نوڪرين ۾ ڀاڱو ملي سگهيو آهي. سڄو فائدو ڀارت مان لوڌجي آيلن کي راضي ڪرڻ لاءِ ڏنو وڃي پيو ۽ سنڌ جي اقتدار اعليٰ کي داءُ تي لڳايو ويو آهي.
هن سڪاريل ڏيهه جي ماڻهن لاءِ تعليم ۽ ترقي جا دروازا بند ڪيا ويا آهن. پاڪستان جي آئين جي آرٽيڪل 15۽ 23 جو حوالو ڏيئي، سنڌ سان ويساهه گهاتي ڪئي ويئي آهي. آئين جي سهاري، ٻاهران آيل ۽ آبادڪارن کي هتي هر قسم جا سک ۽ شهري حق مليل آهن. هتي جي عوام کي ٽئين درجي جو شهري سمجهي نظرانداز ڪيو ويو آهي.
ڪو زمانو هو. جڏهن سڪاريل سنڌ جي معاشي سگهه ڀر وارن رياستن کان انتهائي اوچائي تي هئي. هتي جي ماڻهن ڪڏهن پرڏيهه ۾ نوڪري ڪرڻ جو سوچيو به ڪونه هو. سنڌ جا تجارتي اسمَ ديسان ديس مشهور هئا. سنڌ جي مهذب جاتي جا ماڻهو ٻاهريون ناڻو ڪمائي، سنڌ کي خوشحال ڪري رهيا هئا. انهن جي ناڻي مان اسڪولن ۽ ڪاليجن جون عظيم الشان عمارتون اڏجي رهيون هيون، سنڌ جي ڀلائي ۽ بهتري لاءِ تحسين جوڳا ڪم ٿي رهيا هئا.
انگريزي راڄ جي ڪمشنري سرشتي ۾ هن ڏکويل ماٿري کي عروج ۽ ترقي ملي. سنڌ جي ڀلي ڪاڻ هڪ وڏي رٿابندي ڪئي ويئي، هڪ نئين سنڌ جو پايو وڌو ويو . سنڌ جي واهڻ وستي، ڳوٺن ۽ شهرن کي پاڻ ۾ ڳنڍڻ لاءِ ڏامر وارا روڊ ۽ ريلوي جو نظام، قانون ۽ انصاف تي عمل ڪرڻ لاءِ عدالتي انتظام، زمين جي پئمائش ۽ نقشه نويسي لاءِ ريونيو کاتو ، سنڌ جي معاشي سگهه وڌائڻ لاءِ آبپاشي جو سرشتو ، تعليم جي سڌاري ۽ واڌاري لاءِ تعليم کاتي جو پايو وڌو ويو ، سنڌي ٻولي جي رسم الخط کي سڌاريو ويو ۽ سنڌي ٻولي ۾ ڪتابَ ڇپايا ويا . هر عام ۽ خاص کي سنڌي ۾ لکڻ پڙهڻ جو هدايت نامو جاري ڪيو ويو . شهرن کي صاف رکڻ لاءِ ميونسپالٽِي ٺاهي ويئي . ڪراچي بندرگاهه کي نئين طرز تي تعمير ڪرايو ويو . سنڌ جي ڀلائي ۽ بهتري جو اهو سارو ڪم، ڪمشنر سر بارٽل فريئر جي زماني ۾ ٿيو . سر بارٽل فريئر عام درٻار لڳائي غريبن ۽ اٻوجهن جا مسئلا پاڻ ٻڌندو هو ۽ انهن کي حل ڪرائڻ لاءِ عمل به ڪرائيندو هو . سندس اهڙي طرز عمل ڪري عام ماڻهن مان احساس محرومي ۽ انگريز حڪومت جو خوف ختم ٿيو .ڪمشنر صاحب ، ماڻهن کي سنڌي زبان ۾ درخواست لکڻ لاءِ همتائيندو رهندو هو . سر بارٽل فريئر هڪ فرنگي هو . سنڌ جي ست سال خدمت ڪري، ماڻهن جون دلون جِيتي هليو ويو .
1938ع ۾ سنڌ اسمبلي مان رڳو هڪڙي سرڪاري ووٽ تان آزاد ملڪ جي گهر لاءِ قرارداد پاس ڪرائي ويئي هئي . اها قرارداد هاڻ پنهنجي اهميت ۽ افاديت وڃائي چُڪي آهي . بي حقيقت سياست جي اَڏوهي، ڄاڻايل قرارداد جي دستاويز کي کائي چٽ ڪري چڪي آهي . ڄاڻايل قرارداد جي آڌار تي جيڪي هن پرڳڻِي کي آئيني حق ملڻا هئا . تن جي ملڻ جي اميد بلڪل نه آهي رهي . ورلڊ بينڪ جي چوڻ تي من گھڙت سنڌ طاس معاهدو ٺاهي ، سنڌو تي ڊيمَ ۽ بئراجَ اڏرائي، سنڌ جي سُڪر ۽ سڻائي ۽ سنڌ جي معاشي ترقي ، ثقافت ، ٻوليءَ ۽ تمدن جي مٿان لت رکي، هن خطي جي آئيني ۽ قانوني حقن جي ڀڃڪڙي ڪئي ويئي آهي .
هڪ عوام پاران چونڊيل ۽ معزز وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽي جي عزت ۽ حرمت کي بالاءِ طاق رکي. کيس آمريڪا جي اشاري تي ڦاهي ڏيئي، قومن جي وچ ۾ نفرت پيدا ڪئي ويئي . جمهوريت جي بحالي لاءِ احتجاج ڪندڙ رڳو سنڌ جي آدم مٿان فوجي آپريشن ڪيو ويو . خواهه مخواهه هن پرڳڻي جي رهواسين کي ويڳاڻپ جو شڪار ڪيو ويو ۽ کين بدنام ڪري علحدگي پسند ۽ صوبي پرستي جي تهمت لڳائي ويئي . هن پرڳڻي ۾ رولاڪ ۽ مذهبي هجرت جي نالي تي غير ملڪين کي وسايو ۽ ورسايو ويو . سوويت ــــ افغان آمريڪي ويڙهه جي نتيجي ۾ لڏي آيل لکين رليلن جي لوڌ کي هت رهائي، سنڌ جي زرعي معيشت مان کين مفت ۾ ڀاڱي ڀائيوار بڻايو ويو . غير قانوني ۽ هجرت ڪري آيلن جون نسلي ۽ لساني تحريڪون ۽ تنظيمون ٺاهي، کين پيسن ۽ هٿيارن جي مدد ڪئي ويئي . سنڌ جي سياسي وحدت ۽ جاگرافيڪل ڊيموگرافي کي هٿرادو هاڃو رسائڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي . عسڪري فائونڊيشون قائم ڪري ، سنڌ ۾ قبضو ڪرايل زمينن تي عسڪري زرعي فارم ٺاهيا ويا . رٽائرڊ سرڪاري ۽ عسڪري آفيسرن کي خبر ناهي ڪهڙي سورهيائي ۾ زمينون الاٽ ڪيون ويون .هڪ لساني تنظيم کي پاڻ سان گڏ حڪومت ۾ شامل ڪري ، شهرن جي ترقي جي نالي ۾ ، جڙتو تعميراتي ڪمپنيون ٺاهي ، مال ڪمائڻ جي ترغيب ڏني ويئي ۽ سنڌ جو سڄو ناڻو ڪراچي تي خرچ ڪيو ويو . هر سال ڪراچي کي 100 ارب روپيا سياسي رشوت طور ڏنا وڃن ٿا، جن جي ڪا به آڊٽ نٿي ڪرائي وڃي. اهي فنڊز نالائق ۽ بيغيرت فوجي ڊڪٽيٽر پرويز مشرف پاران جوڙايل ضلعي ۽ شهري حڪومتن حيدرآباد ۽ ڪراچي کي جاري ڪرا يا ويا هئا جيڪي اڃا به جاري ڪيا وڃن ٿا .
“هن کان به اڳ مهاجر ليڊر لياقت علي خان پاڪستان جي قائم ٿيڻ سان ئي تنازعو پيدا ڪري وڌو، هن آئين ساز اسمبليءَ جي مٿان هڪ مذهبي ايڊوائزي ڪميٽي ٺاهي ۽ ان سان گڏ هڪ اسلامڪ ايڊوائزري بورڊ قائم ڪيو ، ان بورڊ جو چيئر مين مولوي سليمان ندوي، جيڪو انڊيا ۾ ئي رهندو ، کي مقرر ڪيو. اسيمبلي جا سڀ پاور هن مولوي سليمان ندوي کي ڏياري موڪليا، تنهن آرڊر جاري ڪيو ته ڪوبه مقامي ماڻهو شهر ن ۾ ملڪيت نٿو وٺي سگهي ، جَي وٺي ته ڏهه هزار روپين کان وڌيڪ نه ٿو وٺي سگهي!.ائين سمورا شهر ڪارا قانون ٺاهي ، مقامي ماڻهن کان ڦريا ويا ! اسلام جي ڪنهن به ڪتابَ ۽ اسلامي قوانين ۾ هجرت ڪندڙن لاءِ ڪوبه ڪليم داخل ڪرڻ جو مورڳو ڪوبه حق تسليم ڪيل نه آهي، هندوستان جي مهاجر مسلمانن ، اسلام جي غلط تشريح ڪري ، هتان جي ساده لوح انسان کي بي وقوف بنائي، هر شيءِ تي قابض ٿي ويا آهن. نتيجي ۾ هتان جو مقامي ماڻهو هاڻ مذهب کان وڇوٽي تي بيٺل نظر اچي پيو . ائين لڳي ٿو ته هتان جي ماڻهو کي مذهب کان خوف چڙهي ويو آهي”.
ان پر نه ايمان جئن ڪلمي گو ڪوٺائيين
دغا تنهنجي دل ۾ شرڪ ۽ شيطان
منهن ۾ مسلمان اندر آذر آهيين
فوجي جنرل ايوب خان پنهنجي آٽو بايو گرافي فرينڊز ناٽ ماسٽر ز ۾ لکيو آهي ، ته ” سن 1954 ۾ حڪومت فيصلو ڪيو ته بي گهر لوڪن کي هندوستان ۾ ڇڏيل جائداد جو معاوضو ادا ڪرڻ لاءِ هڪ اسڪيم جوڙي ، پر 1955 کان وٺي 1958 تائين ان سلسلي ۾ ڪوبه قدم نه کنيو ويو ، ڪِليمَن جو هڪ محڪمو کوليو ويو ۽ مطالبن جي اندراج ۽ ڪليمن جي ڇنڊ ڇاڻ لاءِ هڪ قانون منظور ڪيو ويو . دستاويزن جي غير موجودگي جي ڪري، اهو معلوم ڪرڻ ڏکيو هو ته مهاجرن هندوستان ۾ ڪيتري قدر ملڪيت ڇڏي هئي، ۽ هتي ڪيتري قدر ملڪيت جا حقدار هئا. مغربي پاڪستان جي مشينري ته اِن مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ سوچ ويچار ڪندي رڪجي وئي هئي، اهل سياست کي ڪجهه ٻيو ئي سجهي هئي ته ڪو به شخص ٻه گواهه پيش ڪري ته هِي شخص اڌ هندوستان جو مالڪ هو ته حڪومت پاڪستان کي اهو مڃڻو پوندو . اِن جي بدلي ۾ اگر اهو شخص به تصديق ڪري ته هن جا گواهه باقي رهيل هندوستان جا مالڪ هئا ته حڪومت کي هن جي ڳالهه به مڃڻي پوندي، غرض ته هن فارمولي بي ايماني ۽ فريب جا چوڌاري دروازا کولي ڇڏيا هئا . آئون ويچارن مهاجرن کي الزام نٿو ڏيان پر هن فارمولي مهاجرين جي اخلاق کي بگاڙي ڇڏيو هو. اسان نموني طور تي ڪجهه رڪارڊ جي جانچ پڙتال ڪئي ته معلوم ٿيو ته مهاجرن ، اسان وٽ جيڪي ڪليم درج ڪرايا هئا، ان مان صرف 7.5 ساڍا ست سيڪڙو سچا هئا” . قدرت الله شهاب پنهنجي آتم ڪٿا جي ڪتاب شهاب نامه ۾ هڪ واقعو لکيو آهي ته” هڪ شخص محمد دين ضلعي لڌهيانا جي ڪنهن ڳوٺ ۾ اٽي جي چڪي لڳائي هئي ، ان جي ماليت ٻه هزار ٻه سو درج هئي ، چڪي خريد ڪرڻ جي اصل رسيد به درخواست ۾ لڳل هئي ، اسان جو بورڊ پنج هزار روپين کان مٿي ماليت جي اثاثن جو فيصلو ڪندو هو . مون محمد دين کي چيو ته جيڪڏهن تو پنهنجي چڪي جي قيمت ٻه هزار ٻه سو جي جاءِ تي پنج هزار روپيا درج ڪئي هجي ها ته بورڊ ضرور معاوضو ڏئي ها . ڇو ته تنهنجا ڪاغذات تمام صاف ۽ سچا آهن. هن جواب ڏنو ته ٺيڪ آهي جيڪا منهنجي قسمت! قيمت ئي ٻه هزار ٻه سو روپيا آهي ته آئون پنج هزار ڪيئن لکان ؟….. محمد دين کي اسان ڪجهه نه ڏئي سگهياسين، پر هو اسان کي گهڻو ڪجهه ڏئي ويو . صبح کان شام تائين اسان جي بورڊ کي ڪوڙ ، فريب ۽ لالچ جي جنهن طوفان بي تميزي جو منهن ڏيڻو پوندو هو، ان ماحول ۾ محمد دين جهڙا انسان ديانت ۽ امانت ۽ پاڪيزگي جا منار هئا جن جي برڪت سان قومون زندهه رهن ٿيون ۽ پروان چڙهن ٿيون” .
ويجهي ماضي جي ڳالهه آهي ته ، 1972ع ۾ سنڌين تي حملي ڪرڻ ، کين مارڻ ، سنڌ ۽ سنڌيت کان نفرت پئدا ڪرڻ لاءِ سنڌ ۾ مهاجر ــ پنجابي ــ پٺاڻ محاذ ٺاهي، لساني ويڙهه کي هٿي ڏني ويئي ۽ محترم ذوالفقار علي ڀٽي وچ ۾ پئي ، سنڌين جي جان ڇڏائي . ذوالفقار علي ڀٽي جي لفظن ۾ ته سنڌين کي گهڻي وقت تائين ريڊ انڊين وانگر سمجهيو ويو آهي . هن چيو هو ته اسان پنهنجون جانيون ڏنيون ، اسان پنهنجون زمينون ڏنيون ، پنهنجا گهر ڏنا ، انهي لاءِ ته اسان مهاجرن ڀائرن لاءِ وفاداري، عزت ، محبت ظاهر ڪري سگهون !
ليڪن ، پير حسام الدين راشدي جو خيال هو ته سنڌ جا امير ۽ وزير بزدل هئا، جيڪو هن جي اکين ڏٺو هو، سو هن پنهنجي آتم ڪٿا ۾ بيان ڪيو آهي ، هو پنهنجي آٿم ڪٿا “هو ڏو ٿي هو ڏينهن ” جي هڪ ڪردار بابت لکي ٿو ته ” رمون جواري هو، پتي باز هو ، ٽڪري باز هو ، چاقو مار هو.. سکر جي سڄي شهر تي سندس رعب هو . غريب آباد ۽ شڪارپوري روڊ ته جنسي سندس حڪومت ۾ هئا . نالو ڪن پيو ، ڏڪڻي وٺي ويندي هئي ! لنگهندو ڏسبو هو ته لونءُ ڪانڊارجي ويندي ! مطلب ته ايڏو خراب، ايڏو بدمعاش ، ايڏو لوفر .. ايترن سيه ڪارِن هوندي سندس ڪردار ۾ ڪيترائي روشن پهلو به هئا . واعدي جو پڪو ، زبان جو سچو ، دوستيءَ جو پختو ، رنن زالن جو واهرو ۽ مددگار ، رمونءَ هائو ڪئي ته ڄڻ پٿر تي ليڪو اچي ويو .. اهي ۽ ٻيون ڪيتريون اهڙيون خوبيون هيس. جو اڄ انهن مان هڪ _ ٻـــــه به جيڪڏهن سنڌ جي اميرن وزيرن ۾ هجن ها ته هونءَ اسان ايترو نه خراب ٿيون ها ، نه محڪوم ٿيون ها ، نه محتاج ٿيون ها . اسان جا وزير ، جي” رمون مڪراني” ٿي پون ها ته ڪنهن کي طاقت هئي ، ڪنهن کي مجال هئي ، جو اسان ڏي اَکُ کڻي نهاري سگهي ! اَها اک نه نڪري وڃي ها” !
هن ڏکويل ماٿري سنڌ جي ڪلچر تي دائما صوفي فلسفي جو اثر رهيو آهي، صوفي فلسفي لاءِ چوڻ آهي ته هن فلسفي ۾ نفرت، حقارت ۽ نسل پرستي جي هميشه نفي ڪئي ويئي آهي. هن فلسفي ڪميڻپ تي ٻڌل روين ۽ عملن جي پرزور مذمت ڪئي آهي. اهڙي فلسفي جي حمايت اهل پنجاب پڻ هنن لفظن ۾ ڪئي آهي. ” راوي راشڪان _ جهلم فاسقان _ ستلج سالڪان_ سنڌ صادقان “.
سنڌو ندي جي ڪناري آباد عوام کي سندن سرحد ۾ قيد ڪيو ويو آهي، اهڙي قوم جنهن جو ڪنهن سان به وير ڪونه آهي، تن کان خوشيون ۽ مسڪراهٽون ڦريون ويون آهن. اها قوم جيڪا مزاجن هميشه ويڳاڻي پَر ، امن پسند_ پنهنجن کيتن مان پاڻ ۽ ٻين قومن لاءِ اناج پيدا ڪندڙ _ تشدد پسندي کان آزاد رهي آهي. تنهن صوفي مت مزاج رکندڙ قوم جي سامهون، هڪ نسل پرست تحريڪ ايم ڪيو ايم کي بيهاريو ويو آهي، حرامي جنرل ضياءُ الحق جي مارشل لاءِ دوران ايم ڪيو ايم جو بنياد ڀارتي قونصلر ايس اي ڀاٽيا رکيو هو ، جنهن لاءِ غوث علي شاهه کي استعال ڪيو ويو، هن ڪڌي عمل ۾، اهڙي نسل پرست تحريڪ ٺاهڻ لاءِ اڻ سڌي طرح ان دور جا فوجي جنرل پڻ ملوث هئا . ڇو ته مستقبل ۾ اڳتي هلي فوجي راڄ کي مضبوط ڪرڻ لاءِ ، هن نسل پرست تحريڪ کي ، سياسي مقصدن حاصل ڪرڻ لاءِ ڪتب آندو ويندو رهيو آهي ۽ هاڻ به ائين ٿئي پيو .اڄ ايم ڪيو ايم نه صرف سنڌ پر پوري پاڪستان لاءِ خطرو ثابت ٿي آهي، برطانيه ، آمريڪا ۽ ڀارت ايم ڪيو ايم کي سندن ناجائز مفادن لاءِ استعال ڪري رهيا آهن، برطانيه ۽ آمريڪا ـــــــــــــ سنڌ ۽ بلوچستان ۽ پوري خطي جي معدنيات ، تيل ۽ گيس تي قبضي ڪرڻ جون تياريون ڪري ڇڏيون آهن .ان سڄي عمل ۾ راهه هموار ڪرڻ لاءِ ايم ڪيو ايم کي ڪتب آندو ويندو . آمريڪا ڪراچي کي اسرائيل وانگر هڪ نسل پرست جي قيام جو سوچي ڇڏيو آهي، جنهن جو اعتراف الطاف حسين ڪري چڪو آهي.آئينده لاءِ آرمي، الطاف ۽ آمريڪا چاهين ٿا ته ڦرلٽ جي مال مان کين حصو ملندو رهي . اهي ٽئين ملي ، هن خطي جي قومن کي يرغمال بنائي، جمهوريت ۽ قومن جو استحصال ڪرڻ ۾ ڪابه ڪسر نه ڇڏيندا . اهو سڄو عمل آمريڪي نئين پلان” نيو ورلڊ آرڊر” جو حصو آهي . آمريڪا هن خطي ۾ سندس مفادن لاءِ سياسي ، فوجي ۽ جاسوسي اسٽيشنز قائم ڪري چڪو آهي، آمريڪا، تازو ڪراچي جي ساموندي ڪناري سان ويهن ايڪڙن ۾ سندس دنيا جي وڏي ايمبيسي قائم ڪئي آهي، هن شهباز ، خاران ۽ شمسي ائير بيسن تي پڻ قبضو ڪيو آهي ، ۽ گهاري ويجهو 30 هزار ايڪڙن تي پنهنجو نيول هيڊڪواٽرز تعمير ڪرڻ گهري ٿو .
تازو وڏي سياسي مدبر، مولانا عبدالڪلام آزاد جو هڪ ٻيو انٽرويو ظاهر ٿيو آهي، جيڪو هن 1946ع ۾ ، آغا شورش ڪاشميري کي هفتيوار چٽان مخزن لاءِ ڏنو هو . مولانا آزاد جنهن نموني ملڪن جي ورهاڱي ۽ ان کان پوءِ پئدا ٿيندڙ حالتن جون اڳ ڪٿيون ڪيون آهن ، سي سڀ اچي صحيح ۽ سچ ثابت ٿيون آهن . مولانا عبدالڪلام آزاد جي اڳڪٿين موجب ته؛
1. اڻڄاڻ سياستدانَ فوجي آمريت لاءِ رستو هموار ڪندا ، جيئن ٻين مسلم رياست ۾ ٿيو آهي.
2 . ٻاهريان مالياتي ڳرا قرض چڙهندا.
3. ڀروارن سان ڪي چڱا تعلقات نه رهندا ۽ يقينن جنگي ڪشمڪش جاري رهندي.
4. اندروني بي چيني ۽ علائقائي ڇڪتاڻ جاري رهندي.
5. ملڪ جي قومي دولت کي پوءِ ڍاوا ۽ صنعتڪارَ لٽيندا.
6. طبقن جي وچ ۾ ڇڪتاڻ جو فائدو پوءِ ڍاون کي پوندو.
7. احساس محرومي ۽ ويڳاڻپ جي ڪري نوجوان نسل مذهب ۽ پاڪستان جي نظرئي تان هٿ کڻي ويندو،
8. بين الاقوامي طاقتون سازشيون ڪري پاڪستان تي ڪنٽرول حاصل ڪنديون.
ورهاڱي کان پوءِ سنڌ ۽ سنڌو راڪاس جي چنبي ۾ اچي ويو آهي. اڻکُٽ مسئلا وڌي وڻ ٿي پيا آهن، جن جي حل ٿيڻ جي ڪابه صورت ڏسڻ ۾ ڪانه ٿي اچي . ماضي ۾ حسن . صداقت ۽ علم جا ترجمان سنڌ جا شهر ويراني جو ڏيک ڏيئي رهيا آهن . ماڻهن جي منهن تان سونهن ۽ مرڪ موڪلائي ويئي آهي . مشرق جي ملڪه ۽ ايشيا جو گيٽ وي ڪراچي تعصب جي نشاني تي چڙهيل آهي . ورهاڱي کان اڳ هن شهر جا روڊ صاف پاڻي سان ڌوپندا هئا سي اڄ انساني خون سان ڌوپي رهيا آهن . هيءُ شهر جهڙوڪر مانگر مڇ جو آستان ٿي پيو آهي . بي گناهه ماڻهن جي جسمن کي چيريو وڃي ٿو . اڀاڳن انسانن کي ڳڀا ڳڀا ڪري ماريو وڃي ٿو . حالتن جو جبر ۽ قهر ڏسيو ، شاهه لطيف جون چيل سٽون ياد اچو وڃن ٿيون.
ڪو جو قهر ڪلاچ ۾ ، گهڙي سو نهي .
خبر ڪونَ ڏئي، ته رڇَ ڪُڄاڙي رنڊيا؟
سنڌ ۾ 1520ع ۾ شاهه بيگ ارغون به فوجي آپريشن ڪيو هو . تنهن وقت به سنڌ سخت بحراني حالتن مان گذري رهي هئي، هتان جي محبت وطن ماڻهن ئي سنڌ کي اهڙين سخت بحراني حالتن کان بچايو هو . مايوسي جي ڪُن ۾ ڪرڻ بجاءِ سنڌ جي مزاج ۾ ٿيندڙ تبديلي ڏانهن ڌيان ڏنو وڃي. سنڌ جو مسئلو قومي ايڪتا جي ذريعي حل ٿي سگهي ٿو .سنڌ ايڪتا جي منتظر آهي اها ايڪتا شاهه لطيف جي انقلابي سوشلسٽ فلسفي جي آڌار تي قائم ڪرڻ جي گھر آهي ۽ سڄاڻ جمهوري ۽ محب وطن سياسي ملاح ئي خوني مانگر مڇ جهڙِي ڍونگي ، مڪروهه ، مفاهمت جي نالي منافقت نماءُ سياست جو خاتمو ڪري سگهن ٿا .

Advertisements

From → Uncategorized

Leave a Comment

Leave a Reply

Fill in your details below or click an icon to log in:

WordPress.com Logo

You are commenting using your WordPress.com account. Log Out / Change )

Twitter picture

You are commenting using your Twitter account. Log Out / Change )

Facebook photo

You are commenting using your Facebook account. Log Out / Change )

Google+ photo

You are commenting using your Google+ account. Log Out / Change )

Connecting to %s

%d bloggers like this: